16 خميس , آگسٽ 2018

نواز شريف جو بيان ۽ ” خلائي مخلوق “ سان وڌندڙ جهيڙو

مجاهد  چنا

ان ۾ ڪو به شڪ ڪو نه آهي ته لولي لنگڙي جمهوريت به بهترين آمريت کان 100 ڀيرا سون آهي. ڇو ته آمريت جي دور ۾ اظهار راءِ جي آزادي کان وٺي هر قسم جي حق جي هوڪي تي پابندي، آئين قانون توڙي انساني حقن جي لتاڙ کي جائز حق سمجهيو ٿو وڃي جڏهن ته ٻئي طرف لولي لنگڙي جمهوريت ۾ هر قسم جي اظهار جي آزادي هوندي آهي. سينيٽ چونڊن واري چهچٽي کان پوءِ پاڪستان ۾ عام چونڊن جي حوالي سان ڪيترائي سوال ۽ خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سينيٽ چونڊ ن وانگر ئي عام چونڊون ٿيڻيون آهن ته پوءِ خالي مشق ۽ خانه پوري کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته جيڪي سياستدان ملڪ ۾ تبديلي ۽ جمهوريت جون ڳالهيون ڪن ٿا  سي ساڳيا ئي همراهه ”مٿانهين حڪم“ اچڻ تي ڍير ٿيو وڃن نه صرف اهو بلڪه ملڪ ته ڇڏيو صرف پنهنجي پارٽي ۾ به جمهوريت نه ٿا آڻي سگهن سو تن کان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. مطلب اهو ته سياستدان پاڻ ئي جمهوريت توڙي آمريت کي آڻڻ جا ذميوار آهن، سڀ کان وڌيڪ آزمائش، بدنامي ۽ ڪرپشن ۾  ملوث  به وري سياستدان ئي آهن. ملڪ ۾ جهڙا سياستدان هوندا ته اهڙي ئي سياست کي هٿي ملندي. جئين جئين وقت گذرندو ۽ چونڊون ويجهو اينديون پيون وڃن  تئين تئين وري اڳوڻي نا اهل وزير اعظم نواز شريف جي بيانئي ۾ ويتر شدت ايندي پئي وڃي، ”مون کي ڇو ڪڍيو ويو“ کان پوءِ هاڻي موصوف جو چوڻ آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ منهنجو رئيس يا ڪپتان سان نه پر خلائي مخلوق سان مقابلو آهي اڃان هڪ قدم اڳتي وڌي هڪ ميڊيا گروپ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ممبئي واقعي ۾ پاڪستاني جهادي تنظيمون ملوث آهن. ان بيان  ته ڄڻ ککر جي ماناري ۾ پٿر هڻڻ جو ڪم ڪيو آهي.

سياسي اڳواڻ توڙي تجزيا نگار ان کي قومي مفادن جي ابتڙ ۽ ملڪ سان غداري قرار ڏيئي رهيا آهن،ميان نواز شريف جي هاڻوڪن بيانن چونڊن جي وقت شيئر ٿيڻ تي خدشا ۽ ڪيترا ئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. سوال اهو آهي ته ٽي ڀيرا وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ رهندڙ شخص خلائي مخلوق کان ڇو ڊنل  آهي. ٻي ڳالهه ته وزير اعظم رهڻ ۽ ڪيترائي سال گذري وڃڻ  باوجود هيستائين ممبئي واقعي تي نواز شريف ڇو خاموش رهيو. هاڻي جڏهن ڪرپشن جي الزامن هيٺ کيس اقتدار مان ڪڍيو ويو ته پوءِ خلائي مخلوق ۽ ممبئي واقعا ياد اچي ويا. اسان سمجهون ٿا ته  ادارن ۾ ٽڪراءُ ملڪي مفاد ۾ هرگز ڪو نه آهي، جيڪڏهن نواز شريف پاڻ کي صادق امين ثابت نٿو ڪري سگهي  ته ان کي ضرور سزا ملڻ گهرجي ته جيئن ٻيو ڪو به اهڙي حرڪت ڪرڻ جو سوچي به  نه سگهي گڏ و گڏ احتساب صرف هڪ شخص ۽ پارٽي جو نه بلڪه پاناما ليڪس يا قرض معاف ڪرائڻ وارن جي فهرست ۾ جيڪي ساڍا ٽي سئو کان وڌيڪ ماڻهن جا  نالا آهن تن جو  پڻ بنا ڪنهن فرق جي احتساب ڪري قومي دولت کي واپس آندو وڃي ٻي صورت ۾ چونڊن بعد ڪنهن تبديلي جي اميد ٻٻرن  کان ٻير گهرڻ برابر هوندو.

ملڪ ۽ قوم جهڙي طرح اندروني ۽ بيروني خطرن جي گهيري ۾ آهي ان جي گهرج اها آهي ته اڻ ڌري نگران حڪومت قائم ڪري ملڪ ۾ وقت سر شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، سياسي ڌرين کي به ڇڪتاڻ ۽ غير جمهوري قوتن کي سڌو سنئون موقعو ڏيڻ بدران سياسي اختلافن جي باوجود برداشت، جمهوري قدرن کي هٿي ۽ هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام جو ڪلچر عام ڪرڻ گهرجي.

بهرحال نواز شريف جي تازي بيان مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هو پنهنجي ٻڏل ٻيڙي کي تارڻ لاءِ پنهنجي توڙي پارٽي جي بقا لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار  نظر اچي رهيو آهي، هاڻي اهو وقت ٻڌائيندو ته ايندڙ  چونڊن واري ملاکڙي ۾ زميني ۽ خلائي مخلوق جي مقابلي ۾ سوڀ ڪنهن جي ٿئي ٿي!!

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

مفاهمت پسندن جي وڪڙ ۾ آيل ڪپتان

شفيق الرحمان شاڪر تبديلي،احتساب ۽ عوام جي تقدير بدلائڻ جي نعرن تي ووٽ حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے