16 خميس , آگسٽ 2018

14 مئي : ڇا ڏنو ڇا ورتو

فقير محمد سنڌي

  • 14 مئي: 1879ع تي شڪاگو ۾ آرٽ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيو.
  • 14 مئي: 1887ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ صوفي طريقي جو بزرگ غمدل غني اصل نالو عبدالخالق دايو هو. ڳوٺ ڪچا چاچڙ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو.
  • 14 مئي: 1907ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو جنم ڏينهن آهي.
  • 14 مئي: 1914ع تي مشھور اديب مير گل خان نصير جو جنم ڏينهن آهي.
  • 14 مئي: 1948ع تي اسرائيل جي ٺهڻ جو اعلان ٿيو.
  • 14 مئي: 1943ع تي سنڌ جي پهرين وزيراعظم الله بخش سومرو کي شڪار پور ۾ شهيد ڪيو ويو.
  • 14 مئي: 1950ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي خالق، ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي.
  • 14 مئي: 1963ع تي ڪويت گڏيل قومن جو رڪن بڻيو.
  • 14 مئي: 1992ع تي غزل جو شهنشاهه ۽ صحافي فيض بخشا پوري ولد مهدي خان ڊومڪي بلوچ وفات ڪئي.
  • 14 مئي: 1995ع تي موسيقار ۽راڳي استاد مٺو ڪڇي، اصل نالو محمد اسحاق ولد محمد بچل ڪڇيءَ جو وڇوڙو ٿيو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

مفاهمت پسندن جي وڪڙ ۾ آيل ڪپتان

شفيق الرحمان شاڪر تبديلي،احتساب ۽ عوام جي تقدير بدلائڻ جي نعرن تي ووٽ حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے