19 آچر , آگسٽ 2018

ممبئي حملن بابت گمراهه ڪندڙ بابت تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ممبئي حملن بابت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي سومر ڏينهن طلب ڪيو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي 14 مئي سومر تي ٿيندو. نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي تجويز وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اجلاس ۾ ممبئي حملن بابت گمراهه ڪندڙ بيان تي غور ڪيو ويندو. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته اجلاس ۾ ملڪ جي اندرين ۽ سرحدي سيڪيورٽي صورتحال توڙي سلامتي معاملن تي به غور ڪيو ويندو. اجلاس جي صدارت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪندو، جنهن ۾ ٽنهي فوجن جا سربراهه، ڊي جي آءِ ايس پي آر، قومي سلامتي بابت صلاحڪار سميت مختلف وفاقي وزير ۽ ڳجهن ادارن جا آفيسر شرڪت ڪندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے