18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: حيدرآباد : ڀيل انٽيلئڪچوئل فورم جو اقليتن جا فنڊ هڙپ ڪرڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ڀيل انٽيلئڪچوئل فورم طرفان اقليتن جا فنڊ هڙپ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن نريش مهاراج، ڪيلاش ڪمار، ايشور باگڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اقليت جي نالي تي ايندڙ فنڊ چونڊيل نمائندا هڙپ ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته تازو اقليتي شاگردن جي لاءِ آيل اسڪالرشپون ۽ بي سهارن لاءِ ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ۽ غريب نياڻين جي ڏاج لاءِ آيل رقم اقليتي وزير پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا آهن.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هڙپ ڪيل فنڊن جي جاچ ڪرائي، اقليتي غريبن کي سڌي طرح پنهنجا حق ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Allahyar: unknown youth violence targeted body

نيوز: ٽنڊو الهيار: اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

 ٽنڊي الهيار ۾ اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو. طالب الموليٰ ڪالوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے