22 منگل , مئی 2018

نيوز: ڪراچي : ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف بک هڙتال شروع

Karachi , Aghainst Protestڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪراچي پريس اڳيان بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٿيل هڙتال ۾ قومپرست پارٽين جا ڪارڪن توڙ ي سماجي ڪارڪن شامل آهن.

ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم بک هڙتالي ڪيمپ تي سيد زين شاهه، رسول بخش خاصخلي ،الاهي بخش بڪڪ، تاج  جويو، احمد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن بک هڙتال تي ويٺل آهن.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ اندر ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو مقصد سنڌ واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي.

هنن چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڌارين جا ڪارڊ ٺاهڻ جو سلسلو بند ڪري ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pathoro: The protest against the Sufi branch questioning the flood victims' water

نيوز: پٿورو: صوفي شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن  جو   پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

پٿورو ويجهو صوفي فقير ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي پاڻي فراهم ڪندڙ صوفي شاخ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے