16 خميس , آگسٽ 2018

ملڪ ۾صوبا ورهائڻ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ واري سياست

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ مختلف صوبا ورهائڻ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ واري سياست يا ڪاروبار  زور ۽ شور سان جاري آهي،  ملڪ جي هر صوبي ۾ سرگرم واپاري،کلاڙي، رانديگر، جاگيردار، سردار ۽ خانبهادر پوري ملڪ کي قبضي جو مال مفت جا پلاٽ ۽ نيلامي جو مال سمجهي بلڊرز مافيا وانگر وڪڻڻ جا واڪ ۽ هوڪا لڳائي رهيا آهن. تازو ملڪ جي هڪ وائسراءِ ۽ رانديگر طرفان ملڪ جي تاريخي حيثيت ۽ وجود کي بدلائي، هڪ ملڪ ۽ هڪ قوم بڻائڻ وارا عام چونڊن جي منشور وارا  اعلان ڪرڻ سان گڏوگڏ پراڻن صوبن کي ورهائي وڌيڪ نوان صوبا ٺاهڻ جا اعلان ڪرڻ پڻ شروع ڪيا ويا آهن. سڀ کا ن پهرين پنجاب کي ورهائي ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي ۽ ان بعد سنڌ صوبي جي قسمت ۾ هٿ پوڻ جا پڻ اطلاع آهن.

ملڪ جي پنجاب صوبي واري سرائيڪي علائقي ۾ٿيندڙ ڀوڳ ڏسڻ وٽان آهي، تفصيل موجب، ملڪ جي هڪ سياسي جماعت جي سربراهه ڪپتان خان ۽ مسلم ليگ نواز واري حڪومت ۾ پنج سال اقتدار ۾ رهڻ بعد حڪومت واري مدي جي آخري مهينن ۾ باغي  ٿيندڙ جاگيردارن جي گروپ طرفان ڏکڻ پنجاب محاذ قائم ڪيو ويو ۽ پنهنجي  قومي اسيمبلي جي4 سيٽن ۽  پنجاب واري صوبائي اسيمبلي جي ڪجهه سيٽن تان استعفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو پر مزيدار ڳالهه وري اها ٿي ته جڏهن  اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق کين استعفائون منظور ڪرڻ لاءِ سڏايو ته هو پنهنجي اعلان تان ڦري ويا ۽ اسپيڪر وٽ حاضر ٿيڻ بجاء مفرور ٿي ويا.

تازي اطلاع موجب هو پنهنجو  سرائيڪي وسيب ڇڏي وڃي پشاور  پهتا آهن  ۽ اتي  تحريڪ انصاف جي سداجوان ۽ نوجوان چيئرمين ڪپتان خان سان به واعدن ۽ وچنن جي ٻه طرفي نينهن نڀائڻ جا قسم ۽ ساکون ڀرڻ بعد ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ وارن پهلوانن ۽ تحريڪ انصاف جي ڪپتان خان ۾ تاريخي معاهدو ٿيو آهي. معاهدي موجب ايندڙ وقت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت حاصل ڪرڻ بعد 100ڏينهن ۾ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جي پابند هوندي ۽ ان معاهدي بعد ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ طرفان پاڻ کي تحريڪ انصاف ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ جي روح روان ۽ مسلم ليگ نواز جي ميمبر قومي اسمبلي خسرو بختيار جو چوڻ هو ته عمران خان اسان جي اڳواڻڻ کي تحريڪ انصاف جو جهنڊو ڳچي ۾ وجهي شامل ڪري رهيو آهي، اسان ۽ عمران خان هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندن چوڻ هو ته پاڪستان کي چيلينج لاڳو آهن، اسان کي سڀ کان پهرين اندرين اتحاد جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سان ڪيتريون ناانصافيون ٿينديون رهنديون آهن پر تحريڪ انصاف يقين ڏياريو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ 100 ڏينهن جي اندر ڏکڻ پنجاب صوبو بڻائينداسين. يقينن، ڪپتان خان گهڻو ڪجهه پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو آهي انهيءَ جا واقعا ۽ نتيجا پڻ جلد ضرور بحث هيٺ آڻينداسين.

تحريڪ انصاف ۽ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ جي ٿيل معاهدي جي حوالي سان ڪيل گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب ڌار صوبو بنائڻ آسان ناهي، پر اسان هاڻي ئي ڪاميٽي ٺاهي ڇڏينداسين ۽ ان جي پوري تياري ڪنداسين. ان کان علاوهه ڪپتان خان جو اهو پڻ چوڻ هو ته فاٽا کي به خيبر پختونخواهه ۾ ضم ڪرڻ ضروري آهي ۽ اِهو آسان ڪم ناهي پر ان لاءِ  پڻ ڪوششون ڪنداسين. يعني خان صاحب کي معاهدي تي صحيون ڪرڻ جي فوري بعد ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي وئي آهي ته پهلواني آسان ڪم ناهي. خير ڀلا  ان ۾ خان صاحب جو ڇا ويندو، جنهن جي گهر کي باهه لڳندي سو وڃي رڙيون ڪري، يعني   ” پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“، يا  مفت جي مال تي ڳجهن ۽ ڪانگن کي  دعوت عام ڏيڻ  “   يا   وري  ” مال مفت ۽ دل بي رحم “پڻ چئي سگهجي ٿو.

اهڙي صورتحال ۾ سياست جي علم ۽ ذميوارين کان لاتعلق شخص جنهن جي مهارت صرف ڪرڪيٽ واري راند ۾ ئي آهي. انهيءَ جي نازڪ ذهن ۽ مضبوط ڪلهن تي ملڪ جي جنن ڀوتن طرفان کيس دنيا جي مشهور پهلوانن سان دنگل يا ريسلنگ واري ميدان ۾ آڻي بيهاريو ويو آهي، جنهن راند يا مقابلي جا قانون ۽ قائدا ئي خونخوار ۽ هڏ ۽ ۽ پاسڙاٽيون  ڀڃائڻ وارا آهن، ڪپتان خان کي دنگل واري  ڌرڻي واري رائونڊ ۾ ته اها خبر ئي نه پئجي سگهي ته هو ملاکڙي ۾ لٿل آهي يا ڪرڪيٽ واري ميدان ۾ زور آزمائي ڪري رهيو آهي ؟. جڏهن اهو رائونڊ ختم ٿيو ته خبر پئي ته سياست جي پهرين ئي رائونڊ ۾ سندس پارٽي جو صدر ۽ سياست جو جهارا پهلوان، مخدوم جاويد هاشمي پنهنجي ٽيم جي ڪپتان جي عقل ۽ صورتحال تي ماتم ڪندي  استعفي ڏئي الڳ ٿي ويو.

سياسي دنگل واري ٻئي رائونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ريٽائرڊ) وجيهه الدين جي نگراني هيٺ پارٽيءَ جي تنظيم سازي جي عمل دوران  اهم عهديدارن جي اهليت ئي مشڪوڪ ۽ اعتراض جوڳي ثابت ٿي پئي ۽ عهدن لاءِ اميدوارن جي اهليت جي پرک دوران پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ئي پڪڙجي پيو. جنهن تي پارٽي جي چيئرمين عمران خان طرفان جوابدار خلاف قدم کڻڻ بجاءِ ان جي ابتڙ پارٽي جي چيف اليڪشن ڪمشنر کي ئي پارٽي مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. ان بعد پارليامينٽ ۽ ملڪ جي سياسي معاملن کان مڪمل طور تي لاتعلق رهڻ پڻ افسوسناڪ عمل بار بار ورجايو ويو ، جنهن ۾ گذريل قيمتي پنج سالن جي پارلياماني دور ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سميت سندس جماعت جي سمورن  قومي اسمبلي جي ميمبرن، خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ صوبائي اسيمبلين جي نمائندن  جي غير سنجيدگي ۽ عوام جي مسئلن ۽ قانونسازي جي عمل کان مڪمل لاتعلقي اختيار ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جي ايوانن مان مسلسل غير حاضر رهڻ ۽باوجود پارليماني ميمبرن واريون سموريون پگهارون ، سهولتون ۽ رعايتون وصول ڪرڻ   اهڙا واقعا آهن جنهن تحريڪ انصاف جي سموري سياست تي ئي ليڪو ڦيرائي ڇڏيو آهي.

اهڙي ريت، تحريڪ انصاف طرفان ملڪ جي آئيني ۽ پارلياماني  جمهوري سياست جي بنيادي امتحانن ۾ لڳاتار ناپاس ٿيڻ، آئين، قانون ۽ انصاف واري بنيادي ۽ لازمي امتحان ۾ پڻ مڪمل طور تي ناپاس ٿيڻ ۽ ان بعد  سينيٽ آف پاڪستان جي ٿيل تازين چونڊن ۾ پڻ پنهنجا سمورا سياسي اثاثا ۽ اسيمبلي ميمبر هارائڻ بعد صوبي خيبر پختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف واري حڪومت جي 22 صوبائي اسيمبلي ميمبرن تي تهمتون هڻڻ بعد  عمران خان طرفان پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ سان هاڻي صوبي ۾ صوبائي حڪومت پنهنجي اقتدار لاءِ گهربل اڪثريت پڻ وڃائي چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي ، ايم ايم اي ۽ ٻين مخالف ڌرين طرفان اسپيڪر صوبائي اسيمبلي خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي وئي آهي. جنهن تي ڪجهه ڏينهن ۾ راءِ  شماري ڪامياب ٿيڻ جا تمام گهڻا امڪان آهن ۽ ان بعد وزير اعلي خلاف اهڙي تحريڪ پڻ پيش ٿي سگهي ٿي.

 

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

مفاهمت پسندن جي وڪڙ ۾ آيل ڪپتان

شفيق الرحمان شاڪر تبديلي،احتساب ۽ عوام جي تقدير بدلائڻ جي نعرن تي ووٽ حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے