22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عدليه ته بحال ٿي وئي پر 12 مئي جي شهيدن کي انصاف نه ملي سگهيو: شاهي سيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شاهي سيد چيو آهي ته عدليه ته بحال ٿي وئي پر 12 مئي جي شهيدن کي انصاف نه ملي سگهيو. ڪراچي جي  علائقي بنارس ڪالوني ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شاهي سيد جو چوڻ هو ته 12 مئي سياسي تاريخ جو ڪارو ۽ ڏکوئيندڙ ڏينهن آهي. هن چيو ته عدليه ته بحال ٿي وئي پر 12 جي شهيدن کي انصاف ناهي ملي سگهيو جڏهن ته 12 مئي واري واقعي جا شاهد وڪيل ۽ جج صاحب پاڻ به آهن. هن چيو ته ڏهن سالن کان حڪومت ۾ موجود پيپلز پارٽي انصاف ڪنهن کان پئي گهري؟ هن 12 مئي جي شهيدن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. شاهي سيد جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف 12 مئي 2017ع ۾ نه هئي پر اڄ هوءَ به تعزيتي جلسو ڪري رهي آهي، تعزيتي جلسن ۾ ڊانس ٿي رهي آهي اِها شهيدن سان ڪهڙي ٻڌي آهي. هن چيو ته 12 مئي 2017ع ۾ تحريڪ انصاف جو هڪ به ڪارڪن زخمي نه ٿيو پر اليڪشن جو سال آهي ته 12 مئي هنن کي به نظر اچي وئي. شاهي سيد چيو ته ڪراچي گهڻو رت ڏٺو ۽ تڪليف ڀوڳي ان ڪري پهرين ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي شهيدن جي قتل جي جاچ ڪرائي وڃي. عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کان انصاف جي اپيل ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته 12 مئي 2007ع واري سانحي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے