19 آچر , آگسٽ 2018

ٿر ۾ ٻارن موت جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته ٿر ۾ معصوم ٻارن جي موت جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. ايڪسپريس نيوز موجب چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ جي ريگستاني علائقي ٿر ۾ صحت جي هولتن جي فقدار ۽ ٻارن جي موت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٿر ۾ ٻارن جي موت جي حوالي سان آغا خان اسپتال تجرباتي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موت جو سبب صحت جي سهولتن جي عدم موجودگي آهي جڏهن ته ٿر ۾ ضابطاڪار تي به عملدرآمد به نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس رپورٽ پڙهڻ کان پوءِ ريمارڪس ڏنا ته  ان جو مطلب اِهو ٿيو ته سنڌ حڪومت ئي ٿر ۾ ٻارن جي موت جي ذميوار آهي، سنڌ حڪومت ٻڌائي غذائي قلت ۽ موت کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا بندوبست ڪيا ويا. عدالت ٿرپارڪر ۾ موت بابت قائم ڪميشن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته ڪميشن ۽ آغا خان اسپتال جي روشن جي روشني ۾ سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے