19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: هالا: سيکڙاٽ ڊرائيور گاڏي ريوس ڪرڻ دوران ٻارڙي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

Hala: The Skeleton Driver carries a baby to Cheetah while driving the car* هالا ۾سيکڙاٽ ڊرائيور گاڏي ريوس ڪرڻ دوران معصوم ٻارڙي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو.

طارق روڊ تي گاڏي جي مالڪ بشير ميمڻ گاڏي ريورس ڪري گهٽي مان ڪڍڻ لاءِ سيکڙاٽ ڊرائيور محمد جمن چانڊيو کي چاٻي ڏني.

گهٽي سوڙهي هئڻ سبب سيکڙاٽ ڊرائيور گهٽي ۾راند ڪندڙ 10 ورهين جي ياسر عمراڻي مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي جنهن سبب معصوم ٻارڙو گاڏي جي ٽائر هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.

فوتي ٻار جي مڙهه کي تعلقي اسپتال هالا آندو ويو، جتي سندس امڙ معصوم ٻار جي لاش کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي رهي.

ٻئي طرف شهرين سيکڙاٽ ڊرائيور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي جو هالا ٿاڻي تي اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے