26 اربع , جولاءِ 2017

آمريڪا جي شروع ڪيل جنگ جو وزن هاڻي پاڪستان کي برداشت ڪرڻو پوندو: امتياز عالم

آمريڪا جي شروع ڪيل جنگ جو وزن هاڻي پاڪستان کي برداشت ڪرڻو پوندو: امتياز عالم
آصف زرداري جي حڪومت ۾ ايران سان واپاري لاڳاپن ۾ بهتري آئي، اسٽيبلشمينٽ انهي کي نظر انداز ڪيو
ايران ان ڳالهه کان ڊنل آهي ته طالبان داعش طرف ويندا، افغان جنگ اهم موڙ تي آهي
سعودي سان سياسي بدران مذهبي لاڳاپن سبب پاڪستان ۾ مذهبي فرقيواريت کي هٿي ملي، ع آ ٽي وي پروگرام مڪالمه ۾ اظهار
ڪراچي (پورٽر): آمريڪا جي شروع ڪيل جنگ جو وزن هاڻي پاڪستان کي برداشت ڪرڻو پوندو.ملا منصور جي پاسپورٽ مان خبر پوي ٿي ته ملا مختلف ملڪن ۾ ايندو ويندو رهيو آهي.آصف علي زرداري حڪومت ۾ ايران سان واپاري لاڳاپن ۾ ڪافي بهتري آئي جنهن کي اسٽيبلشمنٽ نظر انداز ڪيو. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ سياستدانن جو ڪو عمل دخل ناهي رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صورتحال تي اسٽيبلشمنٽ قوتون قابض رهيو آهن، پاڪستان جون معاشي پاليسيون اسٽيبلشمنٽ بدران معاشي ماهرن کي جوڙڻ کپن. اهڙو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي ميزباني ۾ ٿيندڙ هفتيوار پروگرام مڪالمه ۾ سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار امتياز عالم ڪيو. هن چيو ته ملا منصور تي تي حملو بلوچستان ۾ ٿيو.جيڪو بلوچستان ۾ پهريون ڊرون حملو آهي.ملا منصور پهرين ڳالهين ۾ شامل هو بعد ۾ ڳالهين جي عمل خلاف ٿي ويو.هر حڪومت اها دعوا ڪندي رهي آهي ته ڊرون حملو ملڪي سالميت جي خلاف هوندو آهي جنهن سان ملڪي لاڳاپا متاثر ٿين ٿا.جنهن تي حڪومت جو احتجاج رواجي هوندو آهي.ملا منصور جي پاسپورٽ مان خبر پوي ٿي ته ملا مختلف ملڪن ۾ ايندو ويندو رهيو آهي.افغان طالبانن جا قطر جي طالبانن سان به ڪافي ويجها رابطا رهيا آهن.ماضي ۾ افغانستان ۾ ڪرائي جي طالبانن جي منڊي لڳل هئي. هاڻي افغان جنگ موجوده صورتحال ۾ هڪ اهم موڙ ورتو آهي. جنهن سان افغان خطي ۾ معاشي دور جو آغاز ٿي رهيو آهي.طالبانن جي اهم قيادت نظرياتي طور ورهائجي وئي آهي.آمريڪا جي شروع ڪيل جنگ جو وزن هاڻي پاڪستان کي برداشت ڪرڻو پوندو.آمريڪا گذريل ڪيتري عرصي کان پاڪستان کي فوجي امداد ڏيندو رهيو آهي. پر هاڻي اها جنگ پاڪستان کي پنهنجي سمجهي ورهڻي پوندي، ايران ان ڳالهه کان ڊنل آهي ته طالبان داعش طرف نه هليا وڃن، آصف علي زرداري حڪومت ۾ ايران سان واپاري لاڳاپن ۾ ڪافي بهتري آهي.پر اسٽيبلشمنٽ ايران سان لاڳاپن کي نظر انداز ڪيو، جنهن کان پوءِ هندستان چا بهار بندرگار ذريعي ايران ۽ افغانسان سان لاڳاپا رکڻ کي اهميت ڏني. جنگ ڪرڻ کان بهتر آهي ته پاڙيسري ملڪن سان معاشي لاڳاپا بهتر ڪرڻ گهرجن. چين جي معشيت هندستان کان ٽي ڀيرا وڌيڪ وڌي آهي چين ايران ۾ 500 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.جنهن سان خطي ۾ هندستان ۽ چين جي معاشي دور جو آغاز ٿيندو. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ سياستدانن جو ڪو عمل دخل ناهي رهيو .ايران داعش مخالف وڙهندڙ اصل قوت آهي. چاهه بهار گوادر کان 80 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي جنهن سان چين راهداري سان اسٽريٽيجڪ حوالي سان وڌيڪ بهتري ايندي.افغانستان ۾ وڏي سيڙپڪاري چين ڪري رهيو آهي.پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي اسٽريجڪ صورتحال تي اسٽيبلشمينٽ قوتون قابض رهيون آهن. پاڪستان کي هندستان ۽ افغانستان سان بهتر لاڳاپا رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.چين ۽ هندستان توانائي جي ميدان ۾ سڀني کان اڳيان هوندا.موجوده صورتحال ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي.هندستان سارڪ ملڪن سان انفرادي طور تي لاڳاپا بهتر ڪري رهيو آهي.پاڪستان جا سعودي عرب سان سياسي گهٽ مذهبي لاڳاپا وڌيڪ رهيا آهن. جنهن سان پاڪستان ۾ مذهبي فرقي واريت کي هٿي ملي .هندستان ۾ پاڪستاني ڪپڙي جي تمام گهڻي اهميت آهي،پاڪستان ۽ هندستان کي هڪٻئي سان اختلاف ختم ڪرڻ کپن ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي سان بهتر لاڳاپا رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جنهن سان مستقبل ۾ خطي جي صورتحال ۾ وڏي بهتري ايندي. آمريڪا جي ايشيا پسفئڪ ۾وڌنڌڙ دلچسپي سبب آمريڪا جا پاڪستان، چين ، هندستان ايران ۽ ويٽنام سان معاشي لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا.معاشي سيڙپڪاري جي ڪري پاڪستان ايندڙ وقت ۾ دنيا جي پنجين جوهري قوت ٿي سگهي ٿو.پاڪستان جون معاشي پالسيون اسٽيبلشمنٽ بدران معاشي ماهرن کي جوڙڻ کپن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ڏهون

پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ توهين عدالت ڪارروائي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي