21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

گهاٽي جهنگ ۾ توهان جي سڃاڻپ ڪندڙ ربوٽ

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) انسانن جهڙا ربورٽ ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني پنهنجي هڪ ربوٽ”اٽلس“ جو اعلان ڪيو آهي جنهن هاڻ هڪ نئين ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾اٽلس کي جهنگ ۾ ڊوڙندي ۽ رڪاوٽون پار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.بوسٽن ڊائنا مڪس انهن ربوٽن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ هر  ميهني هو پنهنجي ربوٽن جي نئين فيچرز تي ٻڌل ويڊيو پوسٽ ڪندا رهندا آهن، هن دفعي انسان جيان هلندڙ مشهور ”اٽلس“ ربوٽ کي وڻن جي وچ ۾ ڊوڙ لڳائيندي ۽ رڪاوٽون پار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ان جي ٻئي ربوٽ اسپاٽ مني کي آفيس ۾ ايندي ويندي ۽ آفيس جا ڏاڪا چڙهندي لهندي ڏسي سگهجي ٿو.ماهرن موجب اٽلس کي اڳ رسي سان ٻڌي پنڌ ڪرايو ويندو، جڏهن ته هاڻ هن کي رسي آزاد ڪيو ويو آهي، هاڻ هي پنڌ ڪرڻ سان گڏوگڏ سامهون ايندڙ سموريون رڪاوٽون هٽائڻ لڳو آهي.ربوٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، پسار ڪرڻ، ۽ انسانن جهڙين حرڪتن جي سموري دنيا ۾ ساراهه ڪئي وئي آهي.بوسٽن ڊائنا مڪس، ٻئي اهم ايجاد اسپاٽ مني ربوٽ آهي جيڪو ڏاڪڻ تي چڙهڻ ۽ لهڻ کانسواءِ پاڻمرادو دروازو کولڻ جي صلاحيت رکي ٿو، تجرباتي طور تي ڇهن منٽن تائين هي ڪمپني جي آفيس ۾ گهمندو ڦرندو رهيو، ۽ هن ۾ پاڻمرادي هلڻ ڦرڻ جون صلاحيتون ڏسي سڀ حيرت ۾ مبتلا ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Introduced the feature of the "Visible Snapshot" feature in the Google Assistant app

گوگل اسيسٽنٽ ايپ ۾” ويزوئل اسنيپ شاٽ“ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جديد دور ۾ انسان جي مصروفيتون ايتري حد تائين وڌي ويون آهن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے