17 جمعو , آگسٽ 2018

ڀرتين ۽ ترقياتي ڪمن تان ختم ٿيل پابندي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عام چونڊن کان اڳ ڀرتين ۽ ترقياتي منصوبن تي اليڪشن ڪميشن طرفان هنيل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ شفافيت برقرار رکڻ جو عذر ڄاڻائي اها پابندي هنئي هئي. جنهن تي سياسي ڌرين شديد تنقيد ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته چونڊيل حڪومت جو آئيني مدو جيئن ته 31 مئي 2018ع تي ختم ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري حڪومت وٽ پنهنجي اقتداري عرصي جي آخري ڏينهن تائين اختيار استعمال ڪرڻ جو حق هئڻ گهرجي.

اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ جي ايئن چئجي ته ميرٽ جو جنازو نڪتل آهي ته غلط نه ٿيندو، ميرٽ جي جاءِ تي سفارشي ۽ چئه چوا واري ڪلچر کي اهميت هئڻ سبب نه رڳو هوند ۽ اڻهوند وارن ماڻهن ۾ فرق تمام گهڻو وڌي ويو آهي پر هڪ ئي ملڪ اندر هڪ ئي صوبي اندر ، هڪ ئي ضلعي اندر ، تعلقي توڙي ڳوٺ اندر جن کي اثرائتن جي پٺ ڀرائي حاصل هجي ٿي تن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ هجن ٿيون ۽ جن جو ڪو اوهي واهي نه ٿو هجي، اهي هر شيءِ هر سهولت کان محروم ٿا رهن. بااثرن کي سڀ سهولتون سفارش هئڻ ڪري سندن چانئٺ تي ملن ٿيون ۽ جن جي ڪا پٺ ناهي سي ضرورتن جي پورائي يا گهربل سهولتن جي حاصلات لاءِ بااثرن جي درن تي جتيون گسائي گسائي ٿڪي ٿا پون پر انهن کي ڪا هڙ حاصل نه ٿي ٿئي.

گذريل ستر سالن دوران پنهنجا نوازي، اقربا پروري رشوت ۽ سفارش وارو ڪلچر اسان جي سماج ۾ ايترو ته مضبوط ٿيو آهي جو ان اڳيان ميرٽ معنيٰ ئي وڃائي ويٺي آهي. اهو ئي سبب آهي جو عام چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جو جواز ڄاڻائي اليڪشن ڪميشن چونڊن کان اڳ ڀرتين ۽ ترقياتي منصوبن تي پابندي هنئي هئي جيڪا عدالت ختم ڪئي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عوام جي ووٽن سان جيڪي حڪومتون ٺهن ٿيون، تن کي آئين ۾ طئي ٿيل سندن مڪمل اختيار نه رڳو حاصل هئڻ گهرجن پر اهي ان وقت تائين استعمال ڪرڻ جو به کين حق هئڻ گهرجي، جيستائين سندن آئيني مدو پورو نه ٿو ٿئي، اهڙي طرح انهن حڪومتن جو به فرض بڻجي ٿو ته اقتدار جي مسند سنڀالڻ کان پوءِ اهي پسند ۽ ناپسند جي چڪر ۾ پوڻ بدران سڄي ملڪ جي ماڻهن کي هڪ نظر سان ڏسن. اهو فرق رکڻ درست ناهي ته ڪنهن کين ووٽ ڏنو ۽ ڪنهن نه، ووٽ ضمير جو آواز آهي جيڪو هر ماڻهو آزاد نموني استعمال ڪري سگهي ٿو.

اسان وٽ بدقسمتيءَ سان نوڪريون هجن يا ترقياتي منصوبا، چونڊيل حڪومتون هجن يا اڻ چونڊيل، مخصوص طبقي تائين محدود رهيون آهن. گهڻو پري ڇو وڃجي، موجوده وفاقي سرڪار جو ئي مثال وٺي سگهجي ٿو. نواز ليگ گذريل پنجن سالن جي اقتداري دور ۾ جيترو ڌيان پنهنجي تڪ يعني پنجاب جي تعمير ۽ ترقي تي ڏنو آهي، اوترو ٻين صوبن تي ناهي ڏنو. اهڙي طرح مشرف دور ۾ به مخصوص طبقا نوازيل رهيا ۽ پ پ جي سرڪاري دور ۾ به پارٽيءَ وارن جا جاوا رهيا.

هڪ جماعت جڏهن جماعت طور ڪم ڪري ته اها آزاد آهي ته اها ڪٿي به ڪري سگهي ٿي پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ان جماعت تي فرض بڻجي وڃي ٿو ته اها سڄي ملڪ کي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي هڪ نظر سان ڏسي ۽ ڪنهن کي به بنيادي سهولتن ۽ ترقيءَ کان محروم نه ڪري، لوڊشيڊنگ جو ئي کڻي مثال وٺو. اقتداري جماعت جو سڄو زور پنهنجي تڪ کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏيڻ تي نظر ايندو جڏهن ته ملڪ جا باقي حصا بدترين لوڊشيڊنگ ڀوڳڻ تي مجبور آهن.

چوڻ جو مطلب ته هڪ اهڙو آئيڊيل سماج جنهن ۾ ڪنهن کي به نوڪري وٺڻ يا ترقياتي ڪمن لاءِ ڪنهن بااثر، وزير، مشير يا وڏيري ننڍيري جي سفارش جي ضرورت نه پئي، سو ميرٽ کي مانُ ڏيڻ جي صورت ۾ ئي قائم ڪري سگهجي ٿو. آئيني اختيار استعمال ڪرڻ چونڊيل حڪومتن جو آئيني ۽ قانوني حق آهي. جيڪو هر صورت ۾ کين حاصل هئڻ گهرجي پر معاشري ۾ ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ حڪومتن جو بنيادي فرض آهي جيڪو به کين هر صورت ۾ پورو ڪرڻ گهرجي.

ڇنڇر 12 مئي 2018ع، 25 شعبان المعظم 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

14 آگسٽ آزاديءَ جو ڏينهن

اڄ 14 آگسٽ آهي، اڄ کان 71 سال اڳ، يعني 14آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے