21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ڪانز فلم فيسٽيول:دپيڪا ۽ ڪنگنا نگاهن جو مرڪز

ڪانز (شوبز نيوز) فرانس جي شهر ڪانز ۾ 71 هون ساليانو ڪانز فلمي ميلو جاري آهي، جنهن جي ريڊ ڪارپٽ تي بالي ووڊ حسينائن دپيڪا پڊڪون ۽ ڪنگنا رناوت پنهنجا جوهر ڏيکاريا.دپيڪا پڊڪون گذريل سال جيان هن سال به مشهور ميڪ اپ برانڊ لورئيل جي نمائندگي ڪئي ۽ پنهنجي منفرد اسٽائل سبب سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رهي.هن هميشه جيان فيشن جي نئي انداز جي چونڊ ڪئي ۽ مختلف ميڪ اپ ۽ هيئر اسٽائل چونڊيا. اداڪارا ڪانز ريڊ ڪارپٽ تي جوهر ڏيکارڻ کان اڳ پنهنجي وارن جون تصويرون اسنٽاگرام تي شيئر ڪيون جنهن کي مداحن طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو.ڪانز ريڊ ڪارپٽ تي بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊڪون کانسواءِ ڪنگنا رناوت، مليڪه شروات ۽ هما قريشي پڻ واڪ ڪيو.ڪنگنا رناوت پهريون ڀيرو ڪانز فيسٽيول ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هن جديد فيشن سان گڏوگڏ ماضي جي فيشن کي پڻ ترجيح ڏني. ڪنگنا رناوت سڀ کان اول ريڊ ڪارپٽ تي ڪاري رنگ جي ساڙهي پهري جنهن ۾ هن جو انداز 80 جي ڏهاڪي جي فيشن وارو هو.دپيڪا پڊڪون ۽ ڪنگنا رناوت ڪانز ڪارپٽ گڏجي واڪ پڻ ڪيو ۽ هڪڙي ئي ڊيزائنر ظهير مراد جو ڊيزائن ڪيل لباس پهريو.هن فلمي ميلي ۾ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن ۽ سونم ڪپور پڻ شرڪت ڪنديو جڏهن پاڪستان مان پهريون ڀيرو ماهرا خان ملڪ جي نمائيندگي ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The movie "teefa in trouble ", which will be released today, will be released today

”طيفا ان ٽربل“  جو  ريليز کان اڳ شاندار پريميئر ، فلم اڄ ريليز ڪئي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪار ۽ راڳي علي ظفر ۽ مايا علي جي فلم”طيفا ان ٽربل“ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے