22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

هاڻي واٽس ايپ تي فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جا ويڊيو  لائيو ڏسڻ ممڪن

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) هاڻي واٽس ايپ ۾ موجود هوندي انسٽا گرام ۽ فيس بڪ جا ويڊيا آساني ڏسي سگهجن ٿا. هڪ نئي فيچر جي ذريعي ان ٻنهي سائٽن يا ايپس کان ايندڙ پيغام ۾ موجود ويڊيو لنڪ کي اڱر سان هڪ ننڍي ويڊيو ڪلپ هڪ فلوٽنگ ونڊو ۾ ظاهر ٿي ويندي ۽ ان دوران واٽس ايپ تي پيغام رسائي جا معمولات جاري سگهجن ٿا. واٽس ايپ آئي او ايس ۾ اڄ ئي هڪ نئي فيچر کي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جئين ته هن جو اينڊروئڊ متبادل تاحال جاري ناهي ٿي سگهيو.  ياد رهي ته هي نئو فيچر فيس بڪ جي هڪ ذيلي سروس جي اپ ڊيٽ جو حصو آهي جنهن جي بدولت فيس بڪ ۽ ٻين ايپس جي وچ ۾ رابطي کي وڌائي سگهجي ٿو. ان لاءِ ايپ اسٽور مان واٽس ايپ جو نئو آئي او ايس اپ ڊيٽ دائون لوڊ ڪرڻو پوندو جيڪو تصوير ۾ توصير(پڪچر اِن پڪر) موڊ کي سپورٽ ڪندو ۽ واٽس ايپ پهرين ئي هي فيچر متعارف ڪرائي چڪو آهي. هاڻي هن نئي فيچر جي ذريعي توهان واٽس ايپ استعمال ڪندي فيسب بڪ ۽ اسٽا گرام جا ويڊيا هلائي سگهو ٿا، ويڊيو کي ري سائز ڪري سگهجي ٿو يا بهتر طور ڏسڻ لاءِ فل اسڪرين موڊ اختيار ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے