24 خميس , مئي 2018

سَهپ سان ئي مثالي معاشري جي اڏاوت ممڪن ٿي سگهندي

دنيا جي اسان واري خطي ۾ جيڪا سياست ٿيندي رهي آهي يا ٿي رهي آهي، تنهن ۾ مخالفن کي برداشت ڪرڻ واري عنصر جي هميشه کوٽ پئي رهي آهي، هندستان هجي يا بنگلاديش، سري لنڪا هجي يا نيپال اتي به سياستدانن جي هڪ ٻئي تي الزامن، ايتري قدر جو ذاتيات تي لهي اچڻ جي صورتحال لڳ ڀڳ اهڙي ئي ملندي جهڙي صورتحال مان اسان جو ملڪ پاڪستان گذري رهيوآهي. ظاهر آهي پاڪستان به هن خطي جو حصو آهي، سو خطي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هوندو، تنهن جو اثر پاڪستان تي اوس پوڻو آهي، اهڙي طرح پاڪستان جي حالتن جو اثر خطي جي ٻين ملڪن ۾ به لازمي طور محسوس ٿيندو هو.

سو پاڪستان ۾ جيڪا سياسي هوا گُهلي پئي آهي، جيڪو سياسي ماحول آهي، جنهن قسم جي سياست ٿئي پئي، تنهن جو سيڪُ سنڌ ۾ محسوس ڪرڻ به فطري عمل آهي. ڪراچيءَ ۾ گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ جيڪو  ڪجهه ٿيو، تنهن ماڻهن جي اڳيان ڪراچيءَ جي ماضيءَ جي جهلڪ پيش ڪري ڇڏي، اهڙي ماحول جي جهلڪ جيڪا ڪنهن به نموني شهر جا ماڻهو ڏسڻ نه ٿا چاهين.

گاڏيون ساڙڻ، ماڻهو مارڻ، بندوق جي زور تي شهر کي يرغمال بڻائڻ، داٻن ۽ داداگيريءَ  جي ماحول کي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جا رهواسي ڏهاڪن تائين ڀوڳي چڪا آهن، هاڻي جڏهن ڏهاڪن کانپوءِ امن شهر جو رُخ ڪيو آهي ۽ هيءُ شهر واقعي به روشنين جو شهر بڻجڻ شروع ٿيو آهي، سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ راندين جون سرگرميون هر ڏينهن  وڌي رهيون آهن، تڏهن هُن شهر کي هڪ ڀيرو وري به سياست جي گورک ڌنڌي جي ور چاڙهي ڇڏڻ ڪنهن به ريت نه ته ملڪ جي مفاد ۾ هوندو، نه صوبي، نه شهر ۽ نه ئي وري انهن سياسي جماعتن جي مفاد ۾، جن جي ڪري شهر لاقانونيت، بدامني ۽ جلاءُ ۽ گهيراءُ جي ور چڙهڻ جو ڏيک ڏئي.

ڪراچي ڏهاڪن تائين اڪثر سياسي جماعتن لاءِ نوگو ايريا بڻيل هئو، سبب شهر اندر 2013ع ۾ ٽارگيٽيڊ، آپريشن جي نتيجي ۾ جيڪو امن قائم ٿيو آهي، تنهن سان سڀني سياسي جماعتن لاءِ شهر جي چئني ڏسائن ۾ در کليا آهن، گنجائش پيدا ٿي  آهي، جنهن سان کين ماڻهن وٽ وڃي پنهنجي پنهنجي پارٽي پروگرام ۽ منشور جي پرچار ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، جيڪو هڪ  هاڪاري عمل آهي، جنهن جا سماج تي هاڪاري اثر پوڻ گهرجن، هيءُ شهر جيئن ته ڏهاڪن تائين بندوق جي زور تي يرغمال هئڻ ڪري سياسي طرح بند گهٽيءَ ۾ بيٺل هو.

ماڻهن کي هڪ جهڙو ۽ برابريءَ وارو سياسي ماحول ميسر نه هو، تنهن جي ڪري انتهاپسندن لاڙن جو چوٽ چڙهڻ فطري هو، پر هاڻي جڏهن شهر جا در سڀني سياسي ڌرين لاءِ کليا آهن، تڏهن عوام جي ۽ جمهوريت جي حقن جي دعويدار سياسي جماعتن کي قطعي طور اهڙو عمل نه ٿو سونهين، جنهن سان هيءُ شهر هڪ ڀيرو وري انتهاپسند لاڙن جي بند گهٽيءَ ۾ بيهي رهي.

سياست نالو آهي، عبادت جو، خدمت جو، عوام جا اهنج دور ڪرڻ  ۽ ماڻهن جي دردن جي درمان جو، سو اهو سڀ ڪجهه هڪ ٻئي کي برداشت  ڪرڻ، هڪ ٻئي جي سَهڻَ سان ئي ٿي سگهي ٿو. انائون ختم ڪرڻ حقيقت پسند ٿيڻ سان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو.

شهر ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، قطعي طور  نه ٿيڻ گهرجي ها، يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته اڳتي به خاص ڪري عام چونڊن دوران اهڙا واقعا نه ورجائجن ڇو ته تشدد تشدد کي جنم ڏيندو، بدامنيءَ کي جنم ڏيندو آهي. قانون جي واٽ تي هلڻ سان اهڙن سڀن جي واقعن کان بچي سگهجي ٿو. سياسي جلسا، ميڙاڪا ڪرڻ  ۽ گڏجاڻيون ڪوٺائڻ جو قانوني طريقو ته هي آهي ته حد جي ڊپٽي ڪمشنر کان اهڙي اجازت وٺجي ۽ پوءِ پروگرام کي حتمي شڪل ڏجي، پر لاڳاپيل اختيارين کان اجازت وٺڻ بنا اهڙي تڪڙ ڪرڻ يا وري جي ڪنهن هنڌ ڪنهن جي اڳواٽ  اجازت ورتل آهي. اتي وڃي ڏاڍ جي زور تي ڪيمپ قائم ڪري ويهي رهڻ سان اهڙي بدمزدگي ۽ بدامني پيدا ٿيندي جيڪا گذريل ڏينهن پيدا ٿي هئي. ايندڙ عام چونڊن کي پرامن ۽ خوف کان آجو بڻائڻ لاءِ سياسي جماعتن کي سهپ ۽ برداشت واري ماحول کي هٿي ڏيڻ گهرجي.

اربع 9 مئي 2018ع، 22 شعبان المعظم 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنيادي انساني حقن جي تحفظ سان ئي معاشرا اڳتي وڌي سگهن ٿا

انساني حقن جي عالمي پڌرنامي موجب راءِ جي اظهار جي آزادي هر ماڻهو جو بنيادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے