23 آچر , سيپٽمبر 2018

احسن اقبال تي حملي جي جاچ لاءِ جي ٽي آءِ جو سربراهه وري تبديل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي قاتلاڻي حملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي جو سربراهه ٻيو ڀيرو تبديل ڪيو ويو آهي. هاڻ پنجاب جي گهرو کاتي طرفان هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل ويلفيئر اينڊ فنانس محمد طاهر کي جي آءِ ٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي. احسن اقبال تي حملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي جو پهريون سربراهه ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن پنجاب وقاص نذير هو پر جي آءِ ٽي قائم ٿيڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ ئي سندس جاءِ تي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي راءِ محمد طاهر کي سربراهه بڻايو ويو هو. جي آءِ ٽي ڪنوينر جي تبديلي لاءِ ٽئي ڀيرا پنجاب جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے