18 سومر , جون 2018

نيوز: پارٽي ٽڪيٽ ڏنو ته ٻيهر پي ايس 51 تان چونڊ وڙهندس: سردار علي شاهه

ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته جي ڊي اي وارا پيپلز پارٽي جي ماڻھن کي پاڻ ڏي اچڻ واريون خبرون ڪري ماڻھن کي گمراھ ڪن پيا،  جي ڊي اي جا ماڻهو پاڻ پ پ ۾ اچي رهيا آھن.

پٿوري ۾ پاڻي کوٽ خلاف لڳاتار احتجاجن تي سيد سردار شاهه پهتو، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي کوٽ مٿان کان آھي پر ان باوجود هو پٿوري واسين کي پاڻي پهچائيندا، جنهن لاءِ عملدارن کي سختي سان پابند ڪيو ويو آھي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي پي ايس 51 پٿوري تي کيس بيهاريو ته هو ضرور مقابلو ڪندو.

ان موقعي تي پيپلز پارٽي پٿوري جا اڳواڻ عاشق ڇورو، ٽائون چيئرمين طارق ڇورو ۽ اسماعيل رند سميت ٻيا موجود هئا…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khanpur mehar: Protest against shortage of water

نيوز: خانپورمھر: پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

* خانپورمھر  ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاج ڪيو ويو بمبلي واھ، لٺ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے