23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز:حيدرآباد: صائما جروار جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ ريلي

*حيدرآباد ۾  صائما جروار جي قاتلن کي   عبرتناڪ سزا   ڏيارڻ لاءِ  ريلي ڪڍي وئي.

ڪامريڊ شمشاد،  احمد نواز انقلابي، فضل ميمڻ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان  پريس ڪلب  حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ سنڌ ۾ هڪ سازش تحت معصوم نياڻين سان زيادتي جا واقعا ڪرائي صوفين جي ڌرتي جو امن خراب ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو تھ  موجوده حڪومت اهڙن  واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون.

هنن   وس وارن کي اپيل ڪئي ته معصوم صائما جروار جي قاتلن کي سرعام ڦاهي چاڙهيو وڃي، جيئين اهڙا واقعا ٻيهر دهرائجي نھ سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے