23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: سنڌ لينگويج اٿارٽي پاران ڪانفرنس

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران اٿارٽي جي هال ۾ ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ “گلوبل دور ۾ مادري ٻولين کي درپيش مسئلا ۽ انهن جو مستقبل” جي عنوان هيٺ بحث ڪيو ويو.

ان موقعي تي ثقافت کاتي جي وزير سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ٻوليءَ جي بچاءُ جي ذميواري هڪڙي اسان جي سماج جي آهي ۽ ٻي ذميواري سرڪار تي آهي،

 هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ٻين اسيمبلين کان وڌيڪ قانونسازي ڪئي آهي، پر قانون تي عمل ۾ اسان واقعي پوئتي آهيون، اهو اسان ڏوهه قبول ڪريون ٿا ته اسڪولن ۾ اسان سنڌي ٻولي پڙهائي نه سگهيا آهيون.

سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالغفو ميمڻ چيو ته اڄ دور جي کي نظر ۾ رکندي اسان کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو،

 اڄ جي دور ۾ صرف ٻولي نه روايتن، ماحوليات، انساني ارتقا کي به چئلينج آهن، ان ڪري ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ روايتي انداز بجاءِ نئين دور کي نظر ۾ رکندي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي،

سدنس چوڻ هو ته اڄ  جو دور انساني نسل لاءِ وڏو چئلينج کڻي آيو آهي، هي مارڪيٽ ۽ ڊجيٽلائيزيشن جو دور آهي، ٻوليءَ کي اسان ته ٺهيو ڪمپيوٽر به نٿو بچائي سگهي،

نامياري ليکڪ شوڪت حسين شورو چيو ته پاڪستان اندر شروع کان وٺي مادري ٻولين کي نظرانداز ڪيو ويو، مغربي پاڪستان ۾ بنگالي ٻولي کي نظرانداز ڪيو ويو ته اتي شاگردن آواز اٿاريو هو.

نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته اسان مان ڪو به ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته ٻولي نٿي مري سگهي، ٻوليون به مري سگهن ٿيون جيڪي سماج مري ويندا آهن،

هن چيو ته هي عالمگيريت وارو دور تهذيبن، ٻولين، سماجن ۽ گروهن جي جياپي لاءِ هڪ طرف امڪان پيدا ڪيا آهن، ان سان گڏ ڪيترائي خطرا به کڻي آيو آهي،

جامي چانڊئي چيو ته هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ جا امڪان آهن، پر ان سان گڏ خطرا به موجود آهن.

ڪانفرنس ۾ لطيف جي فقيرن، مظهر علي ۽ ٻين راڳين سرن جي ورکا ڪري ماڻهن تي وڄد طاري ڪري ڇڏي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kotdiji, PoliceRangersOperation

نيوز | ڪوٽڏيجي : رينجرز ۽ پوليس گڏيل سرچ آپريشن، 20 کان وڌيڪ ماڻهون گرفتار

ڪوٽڏيجي  توڙي  ڪنب ۽ ڀرپاسي ۾  رينجرز ۽ پوليس گڏيل سرچ آپريشن ڪري  20 کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے