22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: جسقم جي باني چيئرمين عبدالواحد آريسر جي ٽين ورسي ملهائي وئي

سنڌ جي ڏاهي ۽ جسقم جي باني چيئرمين عبدالواحد آريسر جي ٽين ورسي سندس آخري آرام گاھ انڙآباد ۾ ملھائي ويئي.

جسقم جي وقتي چيئرمين امير آزاد پنھور , جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، ايس يو پي اڳواڻ دودي مهيري، سرمد ميراڻي، ارباب ڀيل ۽ صالح آريسر سميت اڳواڻن، ڪارڪنن، اديبن ۽ دانشورن عبدالواحد آريسر جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي امير آزاد پنھور چيو ته سائين عبدالواحد آريسر سنڌ ۽ سيد فڪر جو پرچارڪ ۽ شارخ ھو,ھن پنھنجي سڄي زندگي سنڌ جي جھدوجد کي ارپي ڇڏي.

هن چيو ته جسقم ڪارڪنن سميت ڪيترا  قومي ڪارڪن ۽ عام شھري کنڀي گم ڪيا ويا آھن,رياست وٽ ٻٽا معيار آھن,پٺاڻن ۽ پنجابين سان ڳالھائڻ لاءِ تيار آھي پر سورٺ لوھار جو احتجاج کين ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

امير آزاد پنهور چيو ته هو پاڻي کوٽ خلاف سنڌ جي سڀني قومپرستن کي گڏيل جھدوجد جو سڏ ڏين ٿا، ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ نادرا مرڪزن آڏو احتجاج ڪندا.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته آريسر صاحب اھو عظيم اڳواڻ ھو جنھن کي دنيا جو ڪو به سڪو خريد نه ڪري سگھيو ,سنڌ ھن وقت گھڻن مسئلن ۾ گھيريل آھي.

سرمد ميراڻي چيو ته رياست وٽ ٻٽو معيار آھي,جنھن سبب سائين جي ايم سيد جي ورسي دوران سن ۾ پنڊال ڊاٺو ويو, ۽ قومي ڪارڪن کي حراسان ڪري تذليل ڪئي ويئي.

هن چيو ته سائين جي ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر جنھن سموري حياتي ڪارڪن کي پر امن جھدوجد ڪرڻ جي هدايت ڪندا رھيا,ٻي پاسي رياست ھٿ وٺي دھشتگردن جي پٺڀرائي ڪري لسانيت جي ھوا ڏيندي رھندي آھي.

ان موقعي تي تاج جويي چيو ته عبدالواحد آريسر سنڌ جي ضمير جو آواز ھو,ھو قومي سفر ۾ نه ڪڏھن جھڪيو، نه وَڪيو ۽ زندگي جي آخري گھڙين ۾ وطن جي آزادي جي مورچي جو سپه سالار بڻيل بيٺو رهيو.

صالح آريسر جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عبدالواحد آريسر جي ڇڏيل مشن کي تڪميل تائين پھچائڻ لاء پر امن جھدوجد جاري رھندي.

,ان موقعي تي ارباب ڀيل ,ابو ديشي، سورھيه سنڌي,  ڊاڪٽر دودي مھيري ۽ ٻين خطاب ڪيو،…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے