26 اربع , سيپٽمبر 2018

فلم ”لوڊ ويڊنگ“ ۾ مهوش حيات جي پهرين جهلڪ جاري

ڪراچي  (شوبز نيوز) هلندڙ سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪيترن ئي فلمن جي ريليز ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ انهن مان هڪ نبيل قريشي ۽ فضاءَ علي مرزا جي ”لوڊ ويڊنگ“   به آهي. ان فلم ۾ ”ايڪٽر ان لاءِ“ جا اداڪار فهد مصطفيٰ ۽ مهوش حيات هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر ايندا، هي فلمي ڊرامو فلم”شادي“ جي چوڌاري گهمندي آهي ۽ مهوش حيات ان فلم ۾ پنهنجي ڪردار جي هڪ جهلڪ پڻ جاري ڪئي آهي. ان جهلڪ کي ڏسي ايئن ته محسوس نه ٿي رهيو آهي ته اداڪارا فلم ۾ ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته اسٽاگرام تي جاري ڪيل تصويرن ۾ اداڪارا کي هڪ دروازي آڏو بيٺل ڏسي سگهجي ٿو ۽ ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته منهنجي ايندڙ فلم”لوڊ ويڊنگ“ جي سيٽ تان. ان کان اڳ نبيل قريشي، فضاءَ علي ميرزا ۽ فهد مصفيٰ جي ٽيم نامعلوم افراد، ايڪٽر ان لاءِ ۽ نامعلوم افراد 2 جهڙيون سپر هٽ فلمون ٺاهي چڪا آهن، سندس چوڻ هو ته فلم”لوڊ ويڊنگ“ جي ڪهاڻي به مختلف آهي، جڏهن ته ان ۾ ايڪشن ۽ ڪاسٽ به مختلف هوندي. جڏهن ته هي فلم عيدالعضيٰ جي موقعي تي ريليز ڪئي ويندي ۽ ان جو مقابلو همايون سعيد جي فلم ”جواني پهر نهي آني 2“ کان ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے