19 اربع , سيپٽمبر 2018

آرٿر هر ٽيم کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي: عبدالقادر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي چيف سليڪٽر ۽ ليگ بريڪ گگلي بالنگ جي شهنشاهه عبدالقادر جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مڪي آرٿر کي ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا ٻاهر ڪڍيو، آرٿر هر ٽيم کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. ڪرڪيٽ جا پنهنجا اصول ۽ قاعدا هوندا آهن، ڪرڪيٽ کي ڪرڪيٽر ئي هلائين ته سٺي ڳالهه آهي، انهن جي بدران نان ڪرڪيٽر هوندا ته ڪرڪيٽ ڪيئن صحيح هوندي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته يونس، آفريدي ۽ مصباح کي اڃا به ٽيم جو حصو هئڻ گهرجي ها، قومي سليڪشن ڪميٽي ۾ انضمام الحق جو ون مين شو نظر ايندو آهي، ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ڪوچ مڪي آرٿر جي پسند ناپسند نظر ايندي آهي، ٽن ٽيسٽ ميچن لاءِ چار اوپنرن جي شموليت ڪٿان جي عقلمندي آهي، ماضيءَ ۾ آرٿر پاڪستان ٽيم مٿان فڪسنگ جو الزام لڳايا، جيڪڏهن پاڪستان ٽيم جوا کيڏندي آهي ته مڪي آرٿر ڪوچ ڇو بڻيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: The India-PakistanTournament, the tourists consulting the team

ايشيا ڪپ: پاڪ-ڀارت مقابلي کان اڳ اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ٽيم کي مشورا

دبئي( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ ٽورنامنٽ جي سڀ کان وڏي مقابلي پاڪ-ڀارت کان اڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے