22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آءِ پي ايل ملنگا جي انٽرنيشنل ڪيريئر لاءِ خطرو بڻجي وئي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) سريلنڪن فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا جي انٽرنيشنل ڪيريئر لاءِ خطرو بڻجي وئي، هو رانديگر بدران بالنگ مينٽور طور تي ممبئي انڊيز سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم انتظاميا هن جي ان نئين رول مان خوش ناهي. سريلنڪن سليڪٽرن لاسٿ ملنگا کي خبردار ڪيو آهي ته هو ممبئي انڊينز لاءِ بالنگ مينٽور طور ڪم ڪري صرف پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هن کي ٻيهر سريلنڪن ٽيم ۾ جاءِ بڻائڻي آهي ته ڊوميسٽڪ ميچن ۾ حصو وٺڻ گهرجي. 34 سالن جي فاسٽ بالر آخري ڀيرو سريلنڪن ٽيم جي نمائندگي 7 مهينا اڳ ڪئي هئي. آءِ پي ايل 2018ع ۾ ملنگا کي رانديگر طور ڪنهن فرنچائز نه چونڊيو پر بعد ۾ ممبئي انڊينز هن کي بالنگ مينٽور طور پاڻ سان لاڳاپي ڇڏيو. سريلنڪا ڪرڪيٽ جي صدر ٿلنگا سماٿي پالاني واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن لاسٿ ملنگا ڊوميسٽڪ ميچون نٿو کيڏي ته سيلڪٽرن کي هن بابت ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو، اسان ملنگا کي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ چڱي ريت استعمال ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن هو آءِ پي ايل ۾ رانديگر طور کيڏي رهيو هجي ها ته اسان کي ڪابه ڳڻتي نه هئي پر مسئلو اهو آهي ته هو اتي کيڏڻ بدران بينچ تي ويهي ميچون ڏسي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے