20 خميس , سيپٽمبر 2018

جسٽن لينگر آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) لينگر کي آسٽريليا جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، اڳوڻو آسٽريلوي اوپنر 22 مئي کان چارج سنڀاليندو ۽ 4 سالن تائين ان عهدي تي ڪم ڪندو. ان عرصي ۾ 2 ايشز سيريز، ورلڊ ڪپ 2019ع ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020ع ۾ هن جي صلاحيتن جو امتحان ٿيندو، هن کان اڳ آسٽريليا جي ڪوچ ڊيرن ليهمن ڏکڻ آفريقا ۾ بال ٽيمپرنگ جو معاملو اڳيان اچڻ بعد عهدي ڇڏي ڏنو هو. لينگر هن کان اڳ به آسٽريلوي ٽيم جي ڪوچنگ ڪري چڪو آهي، هن کي نومبر 2009ع ۾ ٽن سالن لاءِ اسسٽنٽ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو. هو 2016ع ۾ ويسٽ انڊيز ۾ ون ڊي ٽراءِ سيريز ۽ 2017ع ۾ سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران ٽيم جي عارضي هيڊ ڪوچ جون ذميواريون به انجام ڏئي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے