20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: فڪس اِٽ پاران صائمه جروار جي قتل  خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ فڪس اِٽ پاران صائمه جروار جي قاتلن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو اويس نظاماڻي، بشير ۽ سميع جي اڳواڻي ۾ ٻين صائمه جروار جي قاتلن کي سخت ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته صائمه جروار قتل ڪيس ۾ ملوث سڀئي جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، پوليس رڳو ڊرامي بازي ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته جوابدارن کي سخت سزا نه ملڻ سبب معصوم ٻارڙن کي تحفظ ناهي، ۽ هر آئي ڏينهن اهڙا واقعا وڌي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ نينگرين جي ڪيترن ئي قتل ڪيسن ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتي لاقانونيت جو راڄ آهي.

اڳواڻن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته صائمه جروار جي قاتلن کي سخت سزا ڏئي ٻارڙن کي تحفظ ڏئي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Buhaara: Young man slipped in water, dead body found on second day

نيوز: ٻهارا: پير ترڪڻ سبب نوجوان ٻڏي فوت ، لاش هٿ

*ٻھارا  ۾  ڏاتار درگاھ کان واپسي ورندي 103 آر , ڊي موري وٽ پير ترڪڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے