20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز:عمرڪوٽ: اميشا خاصخيلي اغوا بعد عامر  راجپوت جي عدالت ۾ پيش، بيان رڪارڊ

*عمرڪوٽ جي عدالت ۾ اميشا خاصخيلي اغوا بعد عامر  راجپوت جي عدالت ۾ پيش ٿي.

اميشا خاصخيلي عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو تھ هن کي  وڏيري سيف الله پلي ۽ فيض علي پلي وارن ايس ايڇ او خوش بخت جي مدد سان اغوا ڪيو ۽ 15 ڏينهن قيد  ۾ رکيو.

سول جج عامر راجپوت بيان  رڪارڊ ٿيڻ بعد ناري کي  مرضي موجب ماء حوالي ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته جن ماڻهن تي  اميشا اغوا جو الزام لڳايو آهي اهي گزيل ڇھن ڏينهن کان گرفتار  ٿيل آهن، جڏهن ته زميندار سيف الله  ۽ فيض پلي پاڻمرادو اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ وٽ گرفتاري پيش ڪئي هئي.

اميشا خاصخيلي جي ڊرامائي انداز ۾  بازيابي جي پت وائکي ٿي وئي  آهي.

پوليس ڄاڻايو آهي  ته محرم بلوچ ۽ سندس گهرواري کي اميشا خاصخيلي ٽنڊوالهيار باءِ پاس تي ملي هئي جڏهن ته محرم بلوچ پوليس جو رٽائرڊ اهلڪار آهي ۽ عمرڪوٽ جي ايس ايڇ او جو خاص ماڻهون هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے