23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: کپرو: پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران  سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

*کپرو ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو .

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن امان الله مري، عمر گل هنڱورجو ،امتياز حسن درس محمد وارث درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي نالي ماتر وزير اعظم آهي هو اهو ڪجهه ڪري رهيو آهي جيڪو کيس ميان نواز شريف چئي رهيو آهي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آهن جڏهن ته چوپايو مال توڙي انسان اڃ مري رهيا آهن .

 هنن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سنڌ کي ترت پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے