21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: ڀرياسٽي : منگو لنڪ روڊ جي 30 سالن کان مرمت نه ٿي، رهواسين کي تڪليف !

ڀرياسٽي ڀرسان 40 ڳوٺڻ کي ملائيندڙ منگو لنڪ روڊ 30 سالن کان روڊ جي حالت خراب هجڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشان هن وقت 6 ڪلو ميٽر منگو لنڪ روڊ  منظور ٿيڻ بعد بااثر وڏيري روڊ جو ڪم بند ڪرائي ٺيڪيدار کي ڀڄائي ڇڏيو ڳوٺاڻن جو با اثر وڏيري خلاف نٽهڻ اس ۾ سخت احتجاجي مظاهرو  روڊ جو ڪم شروع ڪرايو وڃي . ڳوٺاڻا . ڀرياسٽي ڀرسان منگو لنڪ روڊ جيڪو 40 ڳوٺن کي شهر ڀرياسٽي طرف ملائيندڙ لنڪ روڊ .جيڪو گذريل  30 سالن کان انتهائي خراب حالت  هر طرف روڊ کي کڏا پئجي وڃڻ ڪري ڳوٺاڻن کي سائيڪل تي به انتهائي تڪليف سان گذر ٿئي پيو جڏهن ته منگو لنڪ روڊ جيڪو موجود ايم پي اي سيد مراد علي شاهه جي تڪ ۾ اچي پيو پر ڪنهن چونڊيل نمائندي ڌيان نه ڏنو ڪافي دفعا ڳوٺاڻن پڻ احتجاج ڪيا پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو جڏهن ته روڊ خراب هجڻ ڪري سواري وارن سميت ڳوٺاڻن کي مريض شهر طرف کڻي اچڻ ۾ تمام گهڻي تڪيلف ٿئي پئي جڏهن ته عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهئندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته روڊ جي حالت انتهائي خراب هجڻ ڪري مريضن سميت ڳورهاري عورتن کي سخت تڪليف کي منهن ڏسڻو پوي ٿو . هنن چيو ته اسان هاڻ جڏهن اسان جو منگو لنڪ روڊ منظور ٿيو آهي ته  تر جو بااثر وڏيرو بهادر خان نائيچ جنهن روڊ تي ڪم ڪندڙ مشينري ڪرين وغيره کي ڌمڪيون ڏئي واپس ڪري ڇڏيو هنن ٻڌايو ته روڊ جو ٺيڪيدار ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي . ڳوٺاڻي محمد لائق کريهر .ٻڌايو ته وڏيرو چاهي ٿو ته اهيو روڊ جو ٺيڪو مون کي ملي يان ان روڊ تي ڪميشن منهنجي مقرر ڪئي وڃي جي نه آئون روڊ ٺاهڻ نه ڏيندس . هنن سنڌ حڪومت سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڦورن روڊ جو ڪم شروع ڪرائي  بااثر وڏيري جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ……

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol: Tribute to martyrs of karbala

نيوز: جهول: مرڪزي امام بارگاهه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد

*جهول ۾ مرڪزي امام بارگاه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي منزل طرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے