26 اربع , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: اڄ پهرين مئي تي سڄي دنيا ۾ پورهيت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

پهرين مئي 1886 ع تي آمريڪا جي شهر شڪاگو جا مزدور پنهجي حقن لاءِ ميدان تي ڪڏي پيا ته مٿن گوليون وسايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾سوين پورهيت گولين جو کاڄ بڻجي موت جي ابدي ننڊ سمهي پيا.

مزدورن جي ان عظيم قرباني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هر سال پورهيتن جو ڏهاڙو آسٽريليا کان آمريڪا ۽ جاپان کان رشيا تائين ملهايو ويندو آهي .

پهرين مئي تي شڪاگو سانحي کانپوءِ 2 مئي 1886 تي مزودون ڪم ڇڏ هڙتال شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ مزدورن پنهنجو اڇو جهنڊو مزدورن جي رت مان رڱي جهنڊو ٺاهيو ان وقت کان وٺي اڄ تائين ڳاڙهو جهنڊو پورهيتن جي جهنڊي طور سڃاتو وڃي ٿو .

ان وقت جي جابر حڪومت مزدورن جا مطالبا مڃڻ بدران  اٺن مزدور اڳواڻن کي ڦاهي تي ٽنگيو جنهن سان تحريڪ ويتر زور ورتو.

مزدور اڳواڻن جي قربانين جي نتيجي ۾آمريڪي حڪومت کي گوڏا کوڙڻا پئجي ويا ۽ مزدورن جي ڪم جو  وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪيو ويو .

تاريخ جا ورق اٿلائڻ مان خبر پوي ٿي ته سرمائيداراڻي نظام جي شروعات يورپ ۾ چوڏهين پندرهين صدي عيسوي ڌاري اٽليءَ کان ٿئي ٿي، سرمائيداري نظام کان اڳ پوري دنيا ۾جاگيرداري نظام رائج هو.

انساني سماج جي ارتقا جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، ايتري ئي پراڻي تاريخ استحصال، ڦرلٽ، جبر ۽ ظلم سان ٽمٽار آهي ۽ جئين جو تئين جاري آهي.

اٽليءَ جي ڪارخانن ۾ پنهنجو رت ٻاري ساڙي  سرمائيداري دنيا ۾ روشني پيدا ڪندڙ پورهيتن جڏهن يونين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزدورن جي ليڊر ”چنتو بران ڊيني“ سميت 9 پورهيتن کي ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ مزدورن جو زور ٽوڙڻ لاءِ ٻاهران مزدور خريد ڪري آندا ويا.

جيتوڻيڪ دنيا ترقي جون منزلون تيزيءَ سان طيءِ ڪري چنڊ کان وڌڻ جو سفر ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي، صنعتي انقلاب دنيا کي شاهوڪار بڻائي ڇڏيو آهي پر سنڌ جي پورهيتن جي حالت اڄ به آڳاٽي دور جي ماڻهن جهڙي آهي.

سنڌ اندر پورهيتن جي ابتر حالت هجڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن اهم ڪارڻ اهو آهي ته مزدورن کي پنهنجي پورهئي جي بهتر اجرت نه ملي رهي آهي، جنهن ڪري صنعتڪارن ۽ زميندارن جا محل ته سينگاريل، سنواريل ۽ سوين طعامن سان ڀريل آهن پر پورهيت ٽي ويلا پيٽ ڀري ڳڀو کائڻ لاءِ به رات ڏينهن جاکوڙ ڪندي نظر اچن ٿا.

ڇونه ڀلا کڻي سنڌ جي ساون کيتن ۾ ڪم ڪندڙ انهن عورتن جو مثال  ڏجي جيڪي ويچاريون رات ڏينهن محنت ڪن ٿيو پر انهن کي اجرت ايتري ملي ٿي جنهن مان گهر جي چلهه ٻارڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي .

ڪڙمي رات ڏينهن ڪٽنب سميت ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ باوجود سدائين ڀوتار جو نه رڳو قرضي رهي ٿو پر اهو قرض مورثي بڻجي وڃي ٿو ۽ نسل درنسل هلندو رهي ٿو ، هاري جي سموري زندگي مفلسي ۾ گذري ٿي پر ڀوتارن هر سال نئين قميتي ڪار خريد ڪري ٿو .

سرن جي بٺڻ ۾ ڪم ڪندڙ عورتون توڙي مرد سموري ڄمار محنت ڪن ٿا پر هڪ گهر به اڏي نٿا سگهن ڪکاون گهرن ۾رهندڙ اهي پورهيت اڪثر ڪري 50 ورهين جي ڄمار کانپوءِ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي موت جي ابدي ننڊ سمهن ٿا.

هڪ طرف پورهيت طبقي لاءِ ڀوتارن توڙي صنعتڪارن ۽ سندن ڇاڙتن رڻ ٻاري ڏنو آهي ته آهي ته ٻئي طرف سرڪار به سدائين ڀوتارن ۽ صنعتڪارن سان گڏ پورهيتن جو استحصال ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي ٻيٺل آهي .

سنڌ اندر جبري پورهئي جا ڪيترائي ئي واقعا ميڊيا جي اسڪرين جي زينت بڻجن ٿا هاري بازياب به ٿين ٿا ۽ کين آزادي بعد مرضي موجب زندگي گهارڻ جي اجازت ملي ٿي پر جيل جي مالڪ کي ڪابه سزا نٿي ملي جنهن ڪري خانگي جيلن کي ٻنجو نه اچي سگهيو آهي .

سرڪار پاران ڪڙمين توڙي پورهيتن جي سهائتا توڙي سندن روٽي روزي لاءِ جوڳا بندوبست نه هجڻ ، ليبر قانونن تي عمل نه ٿيڻ ، پورهيتن کي پورهئي جي مناسب اجرت نه ملڻ پورهيتن جي افلاس واري زندگي گهارڻ جا اهم ڪارڻ آهن .

مزدورن جي عالمي ڏهاڙي سنڌ سميت سموري دنيا جا پورهيت ۽ ڪڙمي وس وارن  کي اپيل ٿا ڪن ته کين مالي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ته جئين ته مسڪين پورهيتن جي گهر جي چلهه سگهي ۽ هو به مڇي ماني وارا بڻجي سگهن ……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے