20 خميس , سيپٽمبر 2018

خوابن کي ياد رکڻو آهي ته وٽامن بي 6 ياد رکو

ميلبورن(ويب ڊيسڪ) اڪثر ماڻهن کي خواب ياد ناهن رهندا، ڪجهه ماڻهن کي خوابن جا تفقصيل ياد ناهن رهندا، پر ڪجهه ماڻهون اهڙا به هوندا آهن جن کي خواب ايندا ئي ناهن  پر جيڪڏهن توهان خواب جا سمورا تفقصيل ياد رکڻ چاهيو ٿا ته وٽامن بي واريون 6 کاڌ خوراڪ يا انهن جي سپليمنٽ نسخو توهان جي ڪجهه مدد ڪري سگهن ٿا. هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وٽامن بي 6 اسان جي خوابن کي ياد رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون پر ان لاءِ ضروري آهي  ته رات جو سمهڻ کان اڳ ان وٽامن جي ڪا خواراڪ يا سپليمنٽ کاڌي وڃي. آسٽريليا جي شهر ايڊليڊ اسڪول آف سائيڪولوجي  جي ڊاڪٽر ڊينهوم اسپائي ۽ ان جي ٽيم تحقيق کانپوءِ اهڙي پرسيوچوئل اينڊ موٽر اسڪلز نالي جرنل ۾ پنهنجي تحقيق شاعيع ڪرائي آهي .اسان ڄاڻون ٿا ته خواب لاشعوري طور ذهن ۾ اڀرندڙ اهڙيون تصويرون، منظر ۽ آواز کي چوندا آهيون جن کي اسان ننڊ ۾ محسوس ڪندا آهيون، نفسياتي ماهرن جي موجب هڪ صحت مند انسان کي رات ۾ چار کا ڇهه ڀيرا خواب ايندا آهن پر صبح ٿيندي ئي ان جي ڄاڻ گم ٿي ويندي آهي يا ڪڏهن ڪڏهن ڪو خواب ياد رهي ويندو آهي.ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ان خواب جي حوالو اسان جي ذهن تي نقش ٿي ويندو آهي.ڊاڪٽر ايسپائي چيو آهي ته وٽامن بي 6 سان توهان پنهنجي خوابن کي بهتر انداز ۾ ياد رکي سگهو ٿا پر هن اڳڀرائي ۽ سائنس جي ننڍڙي تحقيق موجود آهي، ان لاءِ ڊاڪٽر دينهوم ايسپائي ۽ سندس ساٿين 100 اهڙن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو آهي جن جي سراسري عمر 27 سال هئي، واضح رهي ته وٽامن بي 6 جسماني دفاعي نظام ۽ دماغ جي واڌ ويجهه جي لاءِ ضروري هوندي آهي.ان سان مختلف رضاڪارن کي رات جو سمهڻ کان اڳ مختلف قسم جا سپليمنٽ ڏنا ويا جن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي 240 ملي گرام وٽامن بي 6 جا ڪيپسول کارايا ويا. پر انهن مان ڪنهن هڪ کي به اها ڄاڻ نه هئي ته کين ڪهڙا ڪيپسول کارايا پيا وڃن.پنجن ڏينهن بعد خبر پئي ته جن ماڻهن کي وٽامن بي 6 ڏنوويو انهن پنهنجي خوابن  جي ڪجهه حصن کي سٺي نموني ياد رکيو ۽ صبح اُٿي ڪري انهن خوابن کي ماهرن اڳيان بيان پڻ ڪيو، مطالعي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن چيو ته وٽامن بي 6 کائڻ سان هو پنهنجي خوابن کي بهترين نموني ياد رکي سگهن ٿا ۽ اهي بلڪل واضح نموني نظر ايندا آهن. کاڌ خوراڪ جي ماهرن موجب وٽامن بي 6 جي سپليمنٽ بازار ۾ عام طور ملي ويندا آهن پر فطري طور تي مڇي، پولٽري، گوشت، ۽ نيرن ۾ سبزيون جي صورت ۾ موجود هوندا آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے