22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: وحشت جو نشانو بڻيل 10 ورهين جي نينگري جي حالت سڌري نه سگهي

 سکر ۾ علاج هيٺ وحشت جو نشانو بڻيل 10 ورهين جي نينگري جي حالت سڌري نه سگهي.

خانپور جي ڳوٺ صدورو پنهور ۾ وحشي جوابدارن پاران نشانو بڻايل 10 ورهين جي نينگري حالت ۾ بهتري نه اچي سگهي.

ڊاڪٽرن موجب نينگري جو آپريشن ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود سندس حالت بهتر نٿي سگهي آهي

سول اسپتال ۾ داخل نينگري جي امڙ جو چوڻ هو ته مال چارڻ دوران نياڻي کي جوابدارن کڻي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد کيس بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو.

هن چيو ته نياڻي کي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي.

نينگري جي ماءُ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي  سخت سزا ڏئي ته جيئن هو نياڻين ڏانهن ميري اک کڻڻ جهڙا نه رهن.

شڪاپور ضلعي جي پوليس ٽن جوابدارن هزارو، نظام ۽ انور پنهور کي گرفتار ڪري متاثر نياڻي جي پيءُ جي فرياد تي مٿن ڪيس داخل ڪيو آهي.

گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري ستن ڏينهن جو رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

ٻي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته متاثر نينگري جي وارثن تي برادري جي سردر ذريعي معاملو لئي مٽي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے