25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سڪرنڊ: ڊائريڪٽر ڪاليجز پاران امتحاني مرڪزن جا دورا

سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ڊائريڪٽر ڪاليجز امتحاني مرڪزن جا اوچتو دورا ڪري ڪاپي روڪڻ لاءِ انتظاميه کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن.

ڊائريڪٽر ڪاليجز نوابشاهه شفيق احمد رند مختلف امتحاني مرڪزن جا دورا ڪيا، دورن دوران  ھن ڪاپي ڪلچر روڪڻ بابت انتظاميه کي سخت ھدايتون ڏنيون.

گرلس ڪاليج سڪرنڊ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي شفيق احمد رند چيو ته سندس ڪوشش آهي ته تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر جو خاتمو آڻي.

هن چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ ھاڻي ڪاپي ڪلچر تي مڪمل ته نه پر گهڻو ضابطو اچي ويو آهي، شهرن جي مکيه امتحاني مرڪزن تي به ڪاپي تي مڪمل ضابطو آيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ٻھراڙي جي ڪجهھ مرڪزن تي ڪاپي جي نشاندھي ٿي آھي ۽ انتظاميه کي سخت ھدايتون ڪيون آھن.

ڊائريڪٽر ڪاليجز چيو ته ڪاپي ڪلچر جي لعنت مان ترت ڇوٽڪارو ملي ويندو……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Protest by workers of Water board, demanding justice

رپورٽ: ڌاٻيجي : واٽر بورڊ جي ملازمن جو اڄ ٻئي ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

*ڌاٻيجي واٽر بورد جي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به پمپنگ اسٽيشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے