25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: عمرڪوٽ: سول سوسائٽي پاران اميشا معاملي تي جوڙيل جاچ ٽيم تي بي اعتمادي جو اظهار

عمرڪوٽ ۾ سول سوسائٽي اميشا خاصخيلي جي گمشدگي بابت جاچ ٽيم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي اڳوڻي ايس ايس پي کي گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالحليم، مير حسن آريسر ۽ ٻين چيو ته نينگري اميشا کي ٿاڻي تي آڻي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ذاتي طور مبينا لکت ذريعي وارثن حوالي ڪرڻ سراسر غلط عمل هو.

هنن الزام هنيو ته اميشا کي وارثن پاڻ ساماري جي هڪ بااثر حوالي ڪري ڇڏي آهي، پوليس اڻ ڌريي جاچ ڪرڻ بدران روايتي طور ڌر ڄاڻايل بااثرن کي ميڙ منٿ ڪرڻ ۾ رڌل آهي.

سندن چوڻ هو ته 12 ڏينهن گذرڻ باوجود نينگري جي گمشدگي سواليه نشان آهي، ڪيس ۾ پوليس جي ڪردار کي سنجيدگي سان ڏسڻ ۽ جاچ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اميشا کي آزاد ڪرائي بااثرن کي گرفتار ڪن…………………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pangryo

نيوز | پنگريو: نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار

پنگريو ڀرسان نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے