26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: عمرڪوٽ: اميشا خاصخيلي مامرو، گرفتار ٿيل پلي برادري جي ٻن ڀائرن جي آزادي لاءِ  احتجاج

عمرڪوٽ ۾  اميشا خاصخيلي واري مامري ۾ الزام ھيٺ گرفتار ٿيل پلي برادري جي ٻن ڀائرن جي آزادي لاءِ اڄ چوٿين ڏينهن به مختلف برادرين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو.

پلي ھاليپوٽو، چاچڙ  دلواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ نئين ايس ايس پي پاران اميشا مامري چانچ ڪاميٽي ۾ فريادي ڌر جي رشتيدار کي شامل ڪرڻ سمجھه کان ٻاهر آهي.

هنن چيو تھ  اڳوڻي ايس ايس پي پاران انڪشاف ڪرڻ باوجود به جوابدار کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي.

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجھ  ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ بيگناهه گرفتار ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

STP, KalaBaghDam, Gambhat

نيوز | گمبٽ: ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ڌرڻو

گمبٽ ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے