18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز:نئون ديرو: ڦٽاڪي مان ڳوٺ کي باهه ، 15 گهر سڙي خاڪ

*نئون ديرو ۾ ڦٽاڪي مان ڳوٺ کي باهه وڪوڙي وئي ، جنهن سبب  15 گهر سڙي خاڪ بڻجي ويا.

ڳوٺ راهوجا ۾ ڦٽاڪي مان  باهه لڳڻ سبب محمد نواز راهوجو، نادر راهوجو، عبدالڪريم راهوجو، گلبهار راهوجو، گل حسن راهوجو، صاحب خان راهوجو، باغ علي راهوجو، امان الله راهوجو، رجب علي راهوجو، گلزار ۽ اختيار راهوجو سميت 15 ماڻهن جا گهر سڙي ويا.

نئون ديرو ميونسپل جي فائر برگيڊ عملي پڻ باهه کي وسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي،  پر باهه هڪ فائر برگيڊ عملي جي وس کان ٻاهر هجڻ ڪري  باهه تي مڪمل طور ضابطو نه اچي سگهيو .

پ پ تعلقي رتوديرو جي  اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، پ پ سٽي اڳواڻن سيد ارشد راشدي ۽ ٻيا واقعي واري هنڌ پهچي متاثر ڳوٺاڻن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي انتظاميا سان ڳالهائي وڌيڪ فائر برگيڊ باهه وسائڻ لاءِ گهرايون پر اڃان تائين باهه تي ڪو به ضابطو ناهي اچي سگهيو آهي.

باهه لڳڻ سبب گهرن اندر پيل سامان توڙي سوين مڻ اناج، هنڌ بسترا، کٽون ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Allahyar: unknown youth violence targeted body

نيوز: ٽنڊو الهيار: اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

 ٽنڊي الهيار ۾ اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو. طالب الموليٰ ڪالوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے