22 منگل , مئی 2018

نيوز:چڪرا ڳوٺ ۾ سائين جي ايم سيد جي 23 ورسي جي حوالي سان تقريب

*سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ ۾ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 23 ورسي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ،نواز شاھ ڀاڏاھي  ، حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ، ممتاز بروھي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار سنڌ واسين جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون آهن

هنن ٻڌايو سنڌ  اندر ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي .

هنن چيوته سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي جو راڪاس لامارا ڏئي رهيو آهي پ پ جي سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار اگهور ننڊ ۾ ستل آهي

هنن چيو ته سنڌ اندر نياڻين کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي پر جوابدرن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي .

هنن مطالبو ڪيو ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ نينگري صائمه جروار جي قاتلن  کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pathoro: The protest against the Sufi branch questioning the flood victims' water

نيوز: پٿورو: صوفي شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن  جو   پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

پٿورو ويجهو صوفي فقير ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي پاڻي فراهم ڪندڙ صوفي شاخ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے