19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: تنگواڻي: شهري اتحاد جي سڏ تي شهر ۾  گندگي ۽ ترقياتي ڪم نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

تنگواڻي ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي شهر ۾  گندگي ۽ ترقياتي ڪم نھ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪفايت الله کوسو ، لطف سنڌي ، ربڏنو ملڪ ، اسماعيل بهلڪاڻي ، لونگ نندواڻي ، رحمدل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي بس اسٽيڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن   ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ صفائي جو نظام درهم برهم آهي ، ناليون ۽ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ ايندڙ بجيٽ هڙپ ڪئي وئي آهي.

هنن چيو تھ  ٽائون ملازمن ۾ ڪيترائي ڊيوٽي چور ۽ وائيٽ ڪالر ڀرتي ٿيل آهن، جنهن ڪري شهر جي صفائي جو نظام درم برهم آهي.

هنن  ضلعي انتظاميھ کي چتاءُ ڏيندي چيو تھ  شهر جي صفائي ڪرائي  مسئلا حل نھ ڪيا ويا تھ ايندڙ آچر تي ٽائون آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

KalabaghDam, MirpurBathoro

نيوز | ميرپور بٺورو: جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف ريلي

ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس فرنٽ پاران ڪالاباغ ڊيم سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے