26 اربع , سيپٽمبر 2018

بلڊ ڪينسر ۾ رت جي تبديلي مان ڇٽڪارو ڏيارڻ واري انقلابي جين ٿراپي دريافت

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن چيو آهي ته رت جي ڪينسر ۾ مبتلا ماڻهون هر مهيني خون جي تبديلي کانسواءِ جين ٿراپي جي ذريعي پنهنجو رت  ئي تازو ڪرائي سگهندا. سائنسي رسالي دي نيو انگليند جرنل آف ميڊيسن ۾ شايع ٿيل رپورٽ ۾ سائنسدانن بلڊ ڪينسر  جي هڪ قسم ٿيلسيما بيٽا ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ خوشخبري ٻڌائي آهي ته هر مهيني رت جي متنقلي جي تڪليف ڏيندڙ مرحلي مان گذرڻ بجائي رڳو جين ٿراپي جي ذريعي مريض پنهنجو رت ئي تازو ڪرائي سگهندو، جينوم ٿراپي رت ۾ موجود اڇي خليات کي نئين زندگي بخشيندي آهي جنهن جي سبب رت تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهندي. سائنسدانن جين ٿراپي جي دوران آٽو لوگوس +CD34 کي  BB305 سان گڏ ٿيلسيميا بيٽا جي مريضن رت ۾ متنقل ڪيو جنهن جي نتيجي رت جا نوان خليات ٺهڻ جو عمل شروع ٿي ويو  ۽ ڊگهي عرصي تائين حيرت جي حد تائين رت جي تبديلي جي ضرورت محسوس نه ٿي. 22 مريضن ۾ بهتر نتيجا ملڻ بعد سائنسدانن چيو آهي ته رت جي ڪينسر ۾ مبتلا مريضن ۾ هر هر رت جي تبديلي جي ضرورت محسوس نه ٿيندي.ياد رهي ته ٿلسيميا هڪ مروثي بيماري آهي جيڪا والدين مان ٻارن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي، ۽ عام طور تي والدين ۾ اها بيماري شروعاتي نوعيت جي هوندي آهي ۽ والدين ۾ ان جا اثر ظاهر ناهن ٿيندا پر ٿلسيميا مائنر ۾ وڪوڙيل ٻن ماڻهن جي شادي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ هي بيماري ٿليسميا ميجر جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي ان لاءِ طبي ماهر زور ڏيندا آهن شادي کان اڳ مڙد ۽ عورت ٻنهي ۾ ٿلسيميا جو ٽيسٽ ضرور ڪرايو وڃي.هن بيماري جي سبب مريض ۾ رت ٺهڻ جي عمل بهي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مريض کي هر هر رت تبديل ڪرائڻ جي ضرورت پوندي آهي، جڏهن ته متاثرن ماڻهن کي اڪثر رت دستياب ناهي هوندو رت جي متنقلي سان گڏوگڏ ٻين بيماريون متنقل ٿيڻ جو خدشو پڻ موجود رهندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب پيئڻ سبب هر سال 30 لک ماڻهو مرڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے