26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: مومل جي ماڙي: چلهه مان اٿيل چڻنگ پورهيت جو گهر ساڙي ڇڏيو

مومل جي ماڙي ويجھو چلهه نڪتل چڻنگ سبب پورهيت جو گهر سڙي خاڪ ٿي ويو.

ڳوٺ قالو خان پتافي۾ چلھه مان چڻنگ نڪرڻ سبب پورهيت حاڪم پتافي جي گهر کي باهه وڪوڙي وئي.

باھ لڳڻ سبب پورهيت جي نياڻي جي ڏاج سميت گهر ۾ پيل اناج ۽ قيمتي سامان سڙي خاڪ ٿي ويو.

باهه متاثر گهراڻو کلي آسمان هيٺ مالي سهائتا جي اوسيئڙي ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهن،

متاثر پورهيت چيو ته باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو آهي، پر ڪنهن به سندس سار ناهي لڌي.

پورهيت ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته  سندن واهر ڪري ته جئين هو نياڻي جو ڏاج گڏ ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shahdadpur: Assaulted Dead body of 28th age lady founded from her house

نيوز: شھدادپور: شادي شده عورت جو گهر مان تشدد ٿيل لاش هٿ، مڙس تي قتل جو الزام

*شھدادپور  ڀرسان 28 ورهين جي شادي شدهه عورت جو گهر مان پراسرار نموني تشدد ٿيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے