22 منگل , مئی 2018

نيوز: ڪراچي: عوامي راڄ تحريڪ جي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار پيش ڪرڻ خلاف ريلي

ڪراچي ۾ عوامي راڄ تحريڪ پاران ڪراچي کي سنڌ کان ڌار پيش ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

سيد خليل شاهه، بئريسٽر اختر حسين، شيراز نائچ، سارنگ پيرزادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ۽ سنڌ واري اصطلاح خلاف ڪراچي سنڌ جي دل آهي، جي نالي سان ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سياستدان سياسي فائدي لاءِ ڪراچي ۽ سنڌ واري سياست ڪن ٿا، پر کين سمجھڻ گھرجي ته اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سڀ سمجھي چُڪا آهن.

هنن چيو ته سياستدان لفظن ۾ ڪراچي ۽ سنڌ کي ورهائي ناپاڪ سياست ڪري رهيا آهن، اهو ڊرامو هاڻي وڌيڪ نه ٿو هلي سگھي.

سندن چوڻ هو  ته 70 سالن کان هڪ قوم ناهيون بڻجي سگھيا ڇاڪاڻ ته سياستدانن ذات پات ۽ مذهب جي بنياد تي ورهائي رکيو آهي.

اڳواڻن چيو ته اڄڪلهه نئين ڊويزن”ڪراچي۽ سنڌ“ تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙي سازش ڪري سنڌ کي ترقي کان پوئتي ڌِڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته سياستدانن ”ڪراچي ۽ سنڌ“ جي لفظن واري جنگ ۾ مصروف رکي زينب، صائمه جروار، رابعا مگسي ۽ تانيا خاصخيلي جي واقعن جهڙي تحفن سان نوازيو آهي.

سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ رهندڙ سموري ٻولين جي باشعور ماڻهن کي هٿ هٿ ۾ ڏئي بيهڻ گھرجي ته جيئن سياستدان وڌيڪ ڊرامو نه هلائي سگھن..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pathoro: The protest against the Sufi branch questioning the flood victims' water

نيوز: پٿورو: صوفي شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن  جو   پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

پٿورو ويجهو صوفي فقير ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي پاڻي فراهم ڪندڙ صوفي شاخ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے