23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو :آءِ جي سنڌ پاران صائمه جروار جي قتل جي جاچ لاءِ 11 رڪني ٽيم قائم

آءِ جي سنڌ نينگري صائمه قتل ڪيس جو نوٽيس وٺي واقعي جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه لاڙڪاڻي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نينگري صائمه جروار واري واقعي جو نوٽيس وٺي 11 رڪني ٽيم جوڙي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل ٽيم ۾ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو، لياقت عباسي، انسپيڪٽر عبدالمالڪ ۽ رياض ملڪ سميت 11 ڄڻا شامل آهن.

هوڏانهن معصوم نينگري صائما جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، جنهن لاءِ سنڌ جي مخلتف ۾ شهرن احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے