23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد : لعل بخش کوسي جي وارثن جو احتجاج

حيدرآباد ۾ڪوهستان واسي کوسا برادري جي ماڻهن نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

کوسا برادري جي ماڻهن ڳوٺاڻي لال بخش کوسي جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ صوبدار کوسو، رستم کوسو،متارو کوسو،مولابخش کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته  سندن نوجوان لال بخش کوسي کي علائقي جي  بااثر  وڏيري جي ماڻهن بنا ڪنهن سبب جي قتل ڪري ڇڏيو .

هنن ٻڌايو ته مقتول جي ڀيڻ ۽ ڀاءَ اتي پهتا ته بااثر لاش نه ڏنو ۽ پنهنجي ڳوٺ ڀرسان دفنائي ڇڏيو.

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته بااثرن پوليس گهرائي مقتول جي ڀيڻ ۽ ڀاءُ کان سادن ڪاغذن تي آڱوٺا هڻائي کين يرغمال بڻائي ڇڏيو.

هنن چيو ته ٿاڻو بولا خان پوليس ڌر بڻيل آهي، ايس ايڇ اوجوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪيس داخل نه ٿي ڪري نه ئي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ ڏنو.

هنن سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو  ته لال بخش کوسي جا قاتل گرفتار ڪري ۽  پوليس خلاف ڪاروائي انصاف فراهم ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے