23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: پاڻي پاليسي تي ڊائلاگ، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾پاڻي ڇڏڻ جو مطالبو

حيدرآباد ۾پاڻي پاليسي تي ڊائلاگ پروگرام ڪرايو ويو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾پاڻي ڇڏي انڊس ڊيلٽا کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سول سوسائٽي پاران ڪرايل فڪري ويهڪ ۾سياسي سماجي اڳواڻن ابرار قاضي، پروفيسر مشتاق ميراڻي، ذوالفقار هاليپوٽو، نظير عيساڻي، رزاق عمراڻي، نديم شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نيشنل واٽر پاليسي تي غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پاليسي ۾ڪجهه شيون  اڃا واضح ناهن.

هنن چيو ته واٽر پاليسي ۾زرعي پاڻي جو ته ذڪر ٿيل آهي پر پيئڻ جي پاڻي جو ڪٿي به ذڪر ناهي.

هنن ٻڌايو ته واٽر پاليسي تي چئني صوبن اتفاق ته ڪيو آهي پر پاڻي بابت وٽن الڳ ڪو به ادارو ناهي، سنڌ سرڪار  پاڻي مسئلي جي حل لاءِ ڪو الڳ ادارو جوڙي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته اهو ادارو پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪم ڪندو رهي.

هنن چيو ته پاڻي پاليسي ۾91ع پاڻي ٺاهه جي ڪنهن به نقطي جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ  جو چيو آهي. پاڻي پاليسي 2018 کان 2030 تائين رهندي جنهن ڪري پاليسي کي اڃا واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هنن  مطالبو ڪيو ته پنجاب سميت ٻين صوبن جو سنڌ ۾ڇوڙ ٿيندڙ گندو پاڻي بند ڪري  ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ڇوڙ ڪري اندس ڊيلٽا کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | پ پ ضلعي سطح تي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: غلام قادر پليجو

ضلعي ٺٽي چئيرمين غلام قادر پليجو  ڌاٻيجي جو دورو  ڪيو ته  علائقي واسين شڪايت جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے