23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز:سکر: ميراڻي برادري پاران سھولتون نه ملڻ خلاف سياستدانن کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان

*سکر ويجهو ميراڻي برادري جي ماڻھن پاران سھولتون نه  ملڻ ۽   پ پ حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن  جي اڍنگي رويي خلاف برادري جو  ڪٺ گھرائي  ايندڙ اليڪشن  ۾ سياستدانن کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو .

ڳوٺ حاجي غلام حسين ڪنڌر ۾ ميراڻي برداري جي ڪوٺايل ڪٺ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن به سياستدان کي ووٽ نه ڪيو ويندو .

ڪٺ ۾ شامل ماڻھن نياز علي ميراڻي، محمد ھاشم ميراڻي،بخشيل ميراڻي، غلام علي ميراڻي  ٻين چيو  ته ڳوٺ جي  ھڪ ھزار کان وڌيڪ آبادي زندگي جي بنيادي سهولتن کان محرو م آهي .

هنن چيو ته سندن ڳوٺ ۾ ڪي به سهولتون ميسر ناهن صحت توڙي تعليم جون سهولتون نه هجڻ ڪري هو پريشان آهن .

هنن اعلان ڪيو ته هاڻي هو ڪنهن به سياستدان کي ووٽ نه ڏيندا ۽ نه ئي ڪنهن جي حمايت ڪندا……………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | مٺي:پ پ پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڏيڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے