21 خميس , جون 2018

نيوز: ڪشمور: تاريخي مندر شو شڪتي ڌام مڙهي صاحب جو 3 ڏينهن وارو ميلو پڄاڻي تي پهتو

ڪشمور ۾ تاريخي مندر شو شڪتي ڌام مڙهي صاحب ۾ جاري  ٽن ڏينهن  واري ميلي جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون، ميلي ۾ سنڌ سميت پوري دنيا جي هندو برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي

ڪشمور ۾ تاريخي مندر شو شڪتي ڌام مڙهي صاحب ۾ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ميلو اڄ پڄاڻي ٿي پهتو.

ميلي ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب کان علاوه ڀارت کان آيل  ياترين وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي

ان موقعي تي ڌام جي گادي نشين بابا هيرا ناٿ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي مندر ۾ پھريان کان به وڌيڪ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن کان آيل عقيدت مندن ميلي ۾ ڀرپور طرح سان شرڪت ڪئي ۽ پاڻ ملھايو آهي

هن چيو ته ميلي ۾ اسين پرارٿنا ڪيون ٿا ته پنهنجي پاڪستان ۾ ھميشه امن ۽ شانتي رھي ۽ پاڪ آرمي پنهنجي ملڪ جي لاءِ ھميشه ڪوشان رھي آهي ۽ اسين پراميد آهيون ته آرمي جا جوان ملڪ جي امن شانتي لاءِ ھميشه ڪردار ادا ڪندا رھندا ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Suzuki and Motorcycle Controller, 4 women including a woman

نيوز: چمبڙ: سوزڪي ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

* چمبڙ ۾ سوزڪي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب عورت سميت 4 ڄڻا زخمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے