22 منگل , مئی 2018

نيوز: ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ ۾ 22 هزار عورتون سڃاڻپ ڪارڊ کان محرم آهن:پي پي ايف

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نسيم اختر شيخ چيو ته پي پي ايف 13 سئو عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا، ۽ 3 هزار کان وڌيڪ عورتن کي ضلعي ڏکڻ جي نادرا مرڪزن تائين پهچائڻ لاءِ مدد ڪئي ته جيئن هو ووٽ داخل ڪرائي سگهن.

هن چيو ته پي پي ايف جي سروي موجب اڃا تائين 20 هزر 7 سئو کان وڌيڪ عورتن جا نالا ووٽر لسٽن شامل ناهن، جنهن جو سبب سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته پي پي ايف هڪ ئي ڪٽنب جي اکين جي نور کان محروم 6 عورتن ۽ مردن کي سهولتون ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ مدد ڪئي.

نسيم اختر شيخ چيو ته پي پي ايف 2 سئو 40 غير مسلم عورتن جا به سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا آهن، رهيل عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جئين هو عام چونڊن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pathoro: The protest against the Sufi branch questioning the flood victims' water

نيوز: پٿورو: صوفي شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن  جو   پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

پٿورو ويجهو صوفي فقير ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي پاڻي فراهم ڪندڙ صوفي شاخ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے