21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: لاڙڪاڻو : اغوا بعد قتل ڪيل معصوم نينگري صائمه جروار جي خون سان انصاف نه ٿيو

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾معصوم ٻارڙن تي تشدد، ڏاڍائين ۽ قتل وارا واقعا وڌندا پيا وڃن.

لاڙڪاڻي ۾اغوا بعد قتل ٿيل معصوم نينگري صائمه جروار جي ڪيس ۾5 شڪي گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

حيدري ٿاڻي جي حد ۾نسيم جروار جي 9 ورهين جي نياڻي صائمه کي اغوا بعد قتل ڪري لاش اڇلائڻ واري واقعي جو ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪندي چوڪيدار ۽ دڪاندارن سميت 5 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ڊي ايس پي، ايس ايڇ او حيدري ۽ ليڊيز ٿاڻي جي ايس ايڇ او شامل آهن.

هوڏانهن صائمه جروار جي وارثن ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾دهشتگردي جا قلم نه لڳائڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ڪري ساڻن ناانصافي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ساڻن ناانصافي ڪئي وئي آهي.

وارثن موجب وٽڻ شاهديون موجود آهن سندن نياڻي سان زيادتي ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف پ پ چيئرمين واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ڏهرڪي: مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري

*ڏھرڪي ۾ حسيني امام بارگاہ مان ماتمي جلوس برآمد ٿيو جيڪو سخت سڪيورٽي هيٺ پنهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے