18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

بجيٽ اجلاس: پي ٽي  آءِ ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ جهيڙو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن ۾ تلخ ڪلامي ٿي ۽ مراد سعيد مملڪتي وزير عابد شير علي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت طرفان سال 19-2018 جي لاءِ وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو. بجيٽ اجلاس دوران مخالف ڌر وزير اعظم جي صلاحڪار مفتاح اسماعيل کي وفاقي وزير بڻائي بجيٽ پيش ڪرائڻ تي احتجاج ڪيو ۽ اجلاس مان واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو.  مخالف ڌر جي بائيڪاٽ کان ڪجهه دير بعد تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ اسپيڪر ڊائس جي سامهون احتجاج ڪيو ۽ بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. مخالف ڌر ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي لاءِ حڪومتي ميمبر به سامهون آيا، ان دوران هنگامي ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عابد شير علي ۽ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر امجد نيازي جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تي تلخ ڪلامي ٿي جنهن تي مراد سعيد به سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو. مراد سعيد جذباتي انداز ۾ عابد شير علي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر پي ٽي آءِ ميمبرن وڏي ڏکيائي سان کيس ٻئي پاسي وڃڻ کان روڪيو جنهن بعد شهريار آفريدي هن کي اجلاس کان ٻاهر گهلي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے