16 خميس , آگسٽ 2018

منهنجو پٽ جيڪڏهن اليڪشن وڙهڻ چاهي ٿو ته ان کان بهتر ٻيو ڇا هوندو: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ خواجا آصف نااهلي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي کيس تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تي خواجا آصف چيو آهي ته هو ان فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو حق رکي ٿو، منهنجو وڏو پٽ جيڪڏهن اليڪشن وڙهڻ چاهي ٿو ته منهنجي لاءِ ان کان بهتر ٻيو ڇا هوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته مون سمورو ٽيڪس ريڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي، مون ڪا به شئي ناهي لڪائي، منهنجي زال جو نيويارڪ ۾ اڪائونٽ آهي ۽ نيويارڪ جي ئي اڪائونٽ ۾ ئي پيسا موڪليندا آهيون جنهن جو سمورو ريڪارڊ موجود آهي. هن چيو ته مون جيڪا خدمت ڪئي آهي اها قوم جي سامهون آهي، فيصلي سان منهنجي ڪارڪردگي متاثر نه ٿيندي، ووٽ بينڪ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجو پٽ اليڪشن وڙهڻ چاهي ته منهنجي لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڇا هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے