16 خميس , آگسٽ 2018

لڳي ٿو ته ٽرمپ ايران سان ائٽمي ٺاهه ختم ڪري ڇڏيندو: فرانسيسي صدر

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) فرانسيسي صدر ايمانيول ميڪرون چيو آهي ته لڳي ٿو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ائٽمي ٺاهه ختم ڪري ڇڏيندو. ٽن ڏينهن جو آمريڪي صدر مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فرانسيسي صدر چيو ته کيس خبر ناهي ته ٽرمپ 12 مئي تي ايران سان ائٽمي ٺاهه تي ڪهڙو فيصلو ڪندو پر کيس اها پڪ آهي ته آمريڪي صدر ٺاهه کي گند جي ڍير ۾ اڇلائي خدشن کي ختم ڪندو. هن چيو ته اوول آفيس ۾ آمريڪي هم منصب سان ٿيل ذاتي گڏجاڻي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ائٽمي ٺاهه تي تنقيد ڪندو رهيو ۽ ان کي تاريخ جو بدترين ٺاهه ۽ خبر ناهي ڇا ڇا چوندو رهيو. سندس چوڻ هو ته هن آمريڪي صدر کي ٻڌايو ته ائٽمي ٺاهه جي خاتمي سان نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو ۽ منهنجي خيال ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ نه ٿو چاهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The educational center in Afghanistan is outside the bustle, 60-year-old hunting

افغانستان ۾ تعليمي مرڪز ٻاهران آپگهاتي ڌماڪو، 60 ڄڻا اجل جو شڪار 

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افعانستان جي گادي واري شهر جي تعيلمي مرڪز ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 60 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے